Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو خطاب.


ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو خطاب.
 Posted on: 8/2/2015 1
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو خطاب.
لنڊن: 2 آگسٽ 2015 
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته دنيا ۾ تيزي سان تبديليون اچي رهيون آهن، گريٽر بلوچستان بڻجندو، گريٽر پختونستان بڻجندو ۽ گريٽر پنجاب به بڻجندو جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي هوندو.انهي جي ڪري اسٽيبلشمينٽ جي تعصب پرست ماڻهن فيصلو ڪري ورتو آهي ته پنهنجن حقن جي ڳالھ ڪرڻ وارن ڪراچي جي مهاجر نوجوانن کي ماريو وڃي پوءِ جيڪي بچن انهن کان نوڪرن وارو ڪم ورتو وڃي. انهن ايم ڪيو ايم آمريڪا جي ڪارڪنن کي چيو ته اوهان اقوام متحده وڃو ۽ نيٽو جي هيڊ ڪوارٽر به وڃو ۽ اتي انهن کي مهاجرن تي ڪيل ظلمن کان آگاھ ڪريو ۽ انهن کي چئو ته اهي ڪراچي ۾ اقوام متحده يا نيٽو جي فوج موڪلين ته جيئن اهي اتي معلوم ڪن ته ڪنهن قتل ڪيو ۽ ڪير ڪير ان جو ذميوار آهي. جڏهن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موجود ڪارڪن گرين سگنل ڏيندا ته پوءِ اسان باقائده مطالبو ڪنداسين ته مهاجرن جي لاءِ الڳ صوبو بڻايو وڃي ۽ اسان کي اسان جو حق ڏنو وڃي. انهن فرمايو ته مان سچيون ۽ کريون ڳالهيون ڪريان ٿو ته مون تي غداري جا مقدما بڻايا وڃن ٿا پر مون کي انهن مقدمن جي ڪائي به پرواھ نه آهي. مون کي هڪ ڀيرو نه بلڪه سو ڀيرا ڦاهي تي چاڙهيو وڃي ۽ الله تعالٰي مون کي سو بار زندگي ڏي ته تڏهن به مان حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪندو رهندس.  انهن خيالن جو اظهار انهن آمريڪا جي شهر ڊيلاس ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي ٽي روزه سالانه ڪنوينشن  جي موقعي تي ٿيندڙ هڪ وڏي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي 

ڪيو. ڪنوينشن جي ڪاروائي ۽ جناب الطاف حسين جو خطاب پاڪستان، برطانيه، آسٽريليا، جرمني ، بيلجيئم ۽ خليجي ملڪن سميت ٻين مختلف ملڪن ۾ ايم ڪيو ايم ويب ٽي وي جي ذريعي نشر ڪيو ويو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ همدردن کي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن جي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته 19 جو انگ ايم ڪيو ايم جي تاريخ ۾ هڪ اهميت رکي ٿو ۽ ايم ڪيو ايم اهڙي جماعت آهي جنهن کي پوري دنيا مٽائڻ به چاهي ته مٽائي نه ٿي سگهي. اڄ پاڪستان جي هڪ عدالت ۾ منهنجي خلاف غداري جو مقدمو قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دهشت گردي ٽوڙ عدالت قتل جي مقدمي ۾ مون کي مفرورقرار ڏيئي ڇڏيو آهي. انهن فرمايو ته مان نوجوان طبقي خصوصن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چوان ٿو ته مان 37 سالن کان مظلومن ۽ محرومن جي حقن جي جدوجهد ڪندو پيو اچان، ان جدوجهد جي ڏوھ ۾ مون تي سوين ڪوڙا مقدما قائم ڪيا ويا ۽ پاڪستان ۾ مون کي ٽي ڀيرا قيد جون تڪليفون به ڪاٽڻيون پيون پر ظلم جو ڪوئي به هٿڪنڊو منهنجي حوصلي کي ڪمزور ڪري نه سگهيو. گذريل پوين ڏينهن ۾ فوجي اسٽيبلشمينٽ جي مرضي تي منهنجي خلاف سڄي ملڪ جي پوليس اسٽيشنن ۾ راتو رات ڏيڍھ سو کان وڌيڪ غداري جا مقدما قائم ڪيا ويا آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اڪيلو الطاف حسين پنج لک فوج کان ڊڄي ٿو يا پنج لک فوج الطاف حسين کان ڊڄي ٿي. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان ۾ فوج کي مقدس سمجهيو وڃي ٿو پر مان هٿيار بند فوج کي سلوٽ پيش ڪري وڏي غلطي ڪري چڪو آهيان.الله تعالٰي مون کي ان تي معاف فرمائي ڇو ته ٻئي جنگ عظيم ۾ سکن، هندن ۽ عيسائين ڪعبت الله شريف تي گوليون هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو پر انهن مسلمان فوجين انگريزن جي حڪم تي خانه ڪعبه تي گوليون هلايون. مان اهڙي فوج کي مقدس نه ٿو سمجهان جيڪا ڪعبت الله شريف تي گوليون هلائي، جيڪا پنهنجي مذهب ۽ ڪلمي پڙهندڙ مسلمانن جو قتل عام ڪري، هڪ لک مسلمان بنگالي عورتن کي گڏيل طور تي زيادتي جو نشانو بڻائي حامله ڪري ڇڏي. جيڪا جنرل يحيٰي خان جي زماني ۾ مهاجر بيوروڪريٽن کي هڪ جهٽڪي ۾ 

ئي نوڪرين کان هٽائي ڇڏي ، قائد اعظم محمد علي جناح کي سلوپوائزن ڏيئي ڪري ماري ڇڏي ، محترمه فاطمه جناح کي قتل ڪري ڇڏي ، جنرل ايوب خان جي دور ۾ هڪ هزار مهاجر سول بيوروڪريٽن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏي ، مهاجرن کي معاشي طور تي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ فوجي جنرلن گڏجي ڪري نيشنلائيزيشن جي تحت مهاجرن جون صنعتون ۽ ڪاروبار کي ڦٻائي وٺن ٿا. ڪجھ سالن کان پوءِ انهن ادارن کي نيلام ڪري پرائيويٽائز ڪري ڇڏين ٿا ۽ اهي ادارا انهن جي اصل مالڪن جي بجاءِ ڀاڻيجن ۽ ڀائيٽن کي ڏيئي ڇڏين ٿا. جناب الطاف حسين برطانيه جي ممتاز اخبار دي ٽائيمز جي 8 جنوري جي شماري جو حوالو ڏيندي فرمايو ته ان رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته صدارتي اليڪشن ۾ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏيڻ جي ڏوھ ۾ جنرل ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب جي قيادت ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ حملا ڪيا ويا. درجنين ماڻهن کي قتل ۽ زخمي ڪيو ويو ۽ هزارين گهرن کي باھ ڏني وئي.  انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جا مخالف الزام لڳائين ٿا ته جڏهن کان الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم آئي آهي ته ڪراچي جو امن خراب ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ قتل و غارتگري ٿيڻ لڳي آهي. پر اهي 1965 ۾ مهاجرن تي حملن جو ذڪر نه ٿا ڪن حالانڪه ان وقت الطاف حسين جي عمر فقط 12 سال هئي. ان وقت اسان جي بزرگن حقيقتن کان نظرون هٽايون، جيڪڏهن اسان جا بزرگ ان وقت همت کان ڪم وٺن ها ته اڄ انهن جي اولادن کي ذلت جي زندگي نه گذارڻي پوي ها. جناب الطاف حسين فرمايو ته سرائيڪي بيلٽ سميت پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ اندرون سنڌ ۾ اهڙي غربت ۽ بک آهي جو ماڻهو ڪيترن ئي ڏينهن تائين بکون کٽڻ تي مجبور آهن، ڪجھ علائقن ۾ ماڻهو پاڻي سان ماني کائن ٿا، انهن غريبن جي حالت ڏسي ڪري اوهان جو دل ضرور چاهيندو ته اوهان پنهنجي منھ جو گرھ ڪڍي ڪري انهن کي ڏيو، پر جاگيردارن ۽ وڏيرن جي جيلن ۾ غريب هاري پوري خاندانن سميت قيد ڪيا وڃن ٿا ۽ ظالم جاگيرداران جا محافظ به اهي ئي وردي وارا آهن. جيڪڏهن انهن ۾ همت هجي ها ته اهي غريبن تي ظلم ڪرڻ وارن جاگيردارن ، وڏيرن ۽ ملڪ جو خزانو لٽڻ وارن  کي سرعام ٽنگي ڇڏين ها. جن ڪرپٽ جنرلن ڪرپشن ڪري اربين روپيا ڪمايا انهن کي به ٽنگي ڇڏين ها.  انهن فرمايو ته 2013 ۾ ڪراچي 

آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ اڄ 2015 آهي انهن ٻن سالن ۾ ايم ڪيو ايم جي هزارين بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، سوين ڪارڪنن کي حراست ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري معذور ڪيو ويو.درجنين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ انهن کي قتل ڪري انهن جي لاشن کي روڊن تي اڇلايو ويو. انهن ٻن سالن جي دوران رينجر ايم ڪيو ايم جي گرفتار ڪيل ڪارڪنن جي رهائي جي بدلي هڪ هزار ارب روپيا رشوت به ورتي. انهن سوال ڪيو ته ڇا غيرت مند ۽ بهادر فوجي اهڙا هوندا آهن؟ جناب الطاف حسين ڪنوينشن جي شرڪاء کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان يقيني طور تي اهي منظر ڏٺا هوندا ته جڏهن رينجر جي بهادر جوانن نائن زيرو تي ڇاپو هنيو ته ٻئي ڏينهن ڪيئن انهن گرفتار ٿيل شريفن کي جنگي قيدين وانگر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جڏهن 1971 ۾ 93 هزار فوجين کي ڀارتي فوجين قيدي بڻايو هو ته انهن کي به اهڙي طرح پيش نه ڪيو ويو هو. انهن فرمايو ته اسان ڪنهن جي خلاف نه آهيون ۽ سڄي ملڪ جا غريب پنجابي، سنڌي، پختون، بلوچ، سرائيڪي، هزاري وال ۽ ٻين قومن جا ماڻهو اسان جا ڀائر هئا. ڀائر آهن ۽ ڀائر رهندا. انهن مظلومن تي ظلم ڪرڻ وارا به اهي ئي آهن جيڪي انگريزن جي غلامي ڪندا هئا ۽ جن کي انگريزن انعام جي طور تي وڏيون وڏيون جاگيرون ڏنيون هيون. انهن فرمايو ته اسان جي بزرگن 20 لک جانين جي قرباني ڏيئي ڪري  پاڪستان بڻايو، پاڪستان قائم ڪرڻ وقت اسان جي ٻن لکن کان وڌيڪ ڀينرن پنهنجيون عزتون بچائڻ جي لاءِ ڪوهن ۾ ٽپا ڏيئي ڇڏيا ۽  پنهنجيون جانيون ڏيئي ڇڏيون . سوين نياڻين جون عزتون پامال ٿيون، سوين نوجوانن کي انهن جي پوڙهن والدين جي اڳيان ڪٺو ويو ۽ سوين حامله عورتن جا پيٽ ڪٽي ڪري انهن جي ٻارن کي نيزن تي گهمايو ويو. پر اڄ پاڪستان قائم ڪرڻ وارن جي اولادن سان  هتي غيرن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. آمريڪا ۾ مقيم مهاجر جيڪڏهن چاهين ته اهي پاڪستان ۾ مهاجرن تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف نه صرف لاڳاپيل ادارن ۾ انفرادي طور تي پٽيشن موڪلي سگهن ٿا بلڪه اقوام متحده ۽ وائيٽ هائوس جي سامهون لکين ماڻهن جو مظاهرو ڪري پوري دنيا کي مهاجرن تي ڪيل ظلمن کان آگاھ به ڪري سگهن ٿا. جناب الطاف حسين سينيئر مهاجر بزرگن کي 

مخاطب ڪندي فرمايو ته حق پرستي جي 37 سالن جي جدوجهد جي دوران ايم ڪيو ايم جا 25 هزارن کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ همدرد فوج ، رينجر ۽ پوليس جي هٿان قتل ڪيا ويا آهن. مهاجرن جو سياسي، تعليمي ۽ معاشي قتل عام ڪرڻ جي لاءِ 1973 ۾ ذوالفقار علي ڀٽي فوج سان ملي ڪري صرف سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو جيڪو اڄ تائين نافذ آهي. انهن فرمايو ته جنهن جو دل چاهي ٿو بانيان پاڪستان جي اولادن کي بکيو ۽ ننگو چوي ٿو ۽ انهن کي گاريون ڏيئي ٿو، جيڪڏهن مهاجرن کي گار ڏيڻ واري ڪنهن هڪ جي به زبان کي لگام ڏني وڃي ها ته اڄ ڪنهن ۾ به همت نه ٿئي ها جو اهو بانيان پاڪستان جي اولادن جي خلاف بڪواس ڪري ها. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ مذهبي انتها پسندي کي فروغ ڏنو پيو وڃي ، پهرين القائده، طالبان، لشڪر جهنگوي، لشڪر طيبه ۽ ٻيون جهادي تنظيمون پوري دنيا ۾ بڻجنديون رهيون پر هاڻي داعش سمورين تنظيمن کي ٽيڪ اوور ڪري رهي آهي ۽ پوري دنيا ۾ پنهنجي مرضي جو مسلڪ نافذ ڪرڻ چاهي ٿي. انهن فرمايو ته دنيا ۾ تيزي سان تبديليون اچي رهيون آهن، گريٽر بلوچستان بڻجندو، گريٽر پختونستان بڻجندو ۽ گريٽر پنجاب به بڻجندو جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي هوندو. انهي جي ڪري اسٽيبلشمينٽ جي تعصب پرست ماڻهن فيصلو ڪيو آهي ته پنهنجن حقن جي ڳالھ ڪرڻ وارن ڪراچي جي مهاجر نوجوانن کي ماريو، جيڪي باقي بچن انهن کي پنهنجو نوڪر بڻائي ڪري رکو. انهن فرمايو ته اسان تي لسانيت جو الزام لڳايو وڃي ٿو پر 1973 ۾ جڏهن سنڌ ۾ شهري ۽ ٻهراڙي جي بنياد تي 60 ۽ 40 جو ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ويو هو ته ڇا ان وقت الطاف حسين سياست ۾ هو. ان وقت ته الطاف حسين جي عمر 20 سال هئي. ڪوٽا سسٽم ته 10 سالن جي لاءِ نافذ ڪيو ويو هو، پر ڀٽي جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ان جي مدت ۾ واڌارو ٿيندو رهيو پر شهري علائقن کي 40 سيڪڙو ته ٺهيو هڪ سيڪڙو به نه ٿو ڏنو وڃي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم کان اڳ مهاجر آبادين تي حملا ڪيا ويندا هئا.انهن جو قتل عام ڪيو ويندو هو، مهاجر امڙين ۽ ڀينرن جي بي حرمتي ڪئي ويندي هئي. منهنجو ڏوھ صرف اهو هو ته مان مهاجرن کي تبليغ ڪئي ته اٿو ۽ پنهنجو دفاع ڪريو ۽ پنهنجن ٻارن بچن جي حفاظت ڪرڻ جو حق ملڪ جو قانون به ڏيئي ٿو ۽ اسلام ۽ قرآن پاڪ به ڏيئي ٿو. 

انهن ايم ڪيو ايم آمريڪا جي ڪارڪنن کي چيو ته اوهان اقوام متحده وڃو ۽ نيٽو جي هيڊ ڪوارٽر وڃو، اتي وڃي ڪري مهاجرن تي ٿيندڙ ظلمن کان آگاھ ڪريو ۽ انهن کي چئو ته اهي ڪراچي ۾ اقوام متحده يا نيٽو جي فوج موڪلين ته جيئن اهي اتي معلوم ڪن ته ڪنهن قتل عام ڪيو ۽ ڪير ان قتل عام جو ذميوار آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان جدوجهد ڪري رهيا آهيون اها ڪندا رهنداسين پر جڏهن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موجود ڪارڪن گرين سگنل ڏيندا ته پوءِ اسان به باقائده مطالبو ڪندا سين ته مهاجرن جي لاءِ الڳ صوبو بڻايو وڃي ۽ اسان کي اسان جو حق ڏنو وڃي. جناب الطاف حسين ان موقعي تي ڪراچي جي باري ۾ واشنگٽن پوسٽ جي هڪ حاليه رپورٽ پڙهي ڪري ٻڌائي جنهن ۾ تفصيل سان ذڪر آهي ته ڪهڙي طرح آپريشن جي دوران ايم ڪيو ايم سان زيادتي ڪئي پئي وڃي. انهن وال اسٽريٽ جرنل جي گذريل ڏينهن شايع ٿيندڙ ڪراچي جي باري ۾ تفصيلي رپورٽ به پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ اورنگي ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ پابندي وڌل تنظيمون ڪهڙي طرح آزادي سان ڪم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جهڙي لبرل سياسي جماعت جي ڪارڪنن تي پابنديون آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي طرح انهن پابندي وڌل تنظيمن جي رهنمائن کي پوليس جو تحفظ به حاصل آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته رپورٽ مان صاف ظاهر آهي ته ڪراچي ۾ لشڪر جهنگوي ۽ ٻين پابندي وڌل تنظيمن تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه آهي بلڪه اهي آزادانه طور تي پنهنجيون سرگرميون جاري رکيل آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. عيد الفطر تي اورنگي ٽائون ۽ ڪراچي جي ٻين علائقن ۾ پابندي وڌل تنظيمن باقائده اسٽال لڳائي ڪري فطرو ۽ زڪوٰت وصول ڪئي پر ايم ڪيو ايم تي فطرو ۽ زڪوٰت جمع ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اهڙين تنظيمن تي به ڪائي پابندي نه آهي جيڪي کلي عام شيعن ۽ ٻين اقليتي فرقن کي ڪافر قرار ڏين ٿيون. انهن فرمايو ته قائد اعظم محمد علي جناح به خواجه اثنائي عشري شيعه هئا. جيڪڏهن شيعه ڪافر آهن ته پورو پاڪستان ڪافر آهي. انهن فرمايو ته القائده جو هر ليڊر جماعت اسلامي جي گهرن کان پڪڙيو ويو پر انهن 

کي نه ٿو پڪڙيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان سچيون ۽ کريون ڳالهيون ڪريان ٿو ته مون تي غداري جا الزام لڳايا وڃن ٿا. انهن ڪارڪنن کي چيو ته منهنجي تحريڪ شهيدن جي امانت آهي، جيڪڏهن مان ماريو وڃان ته ان تحريڪ کي جاري رکجو ۽ شهيدن جي قربانين کي رائيگان وڃڻ نه ڏجو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسٽيبلشمينٽ جي پوري ڪوشش آهي ته ڪنهن طرح شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق جو قتل منهنجي مٿان وڌو وجهي پر الله تعالٰي بهتر ڄاڻي ٿو ته منهنجو ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل سان ڪوئي به تعلق نه آهي. اسان دنيا کان ته لڪائي سگهون ٿا پر الله تعالٰي کان  لڪائي نه ٿا سگهون. الله تعالٰي بهتر انصاف ڪرڻ وارو آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ فوج کي گاريون ڏيڻ واري عمران خان کي ته مٿي تي ويهاريو وڃي ٿو پر منهنجي تقرير تي پابندي لڳائي وئي آهي. جناب الطاف حسين پنهنجي تقرير ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ڪراچي جي باري ۾ حاليه رپورٽ جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ جاري رينجر جي آپريشن جو هدف صرف ايم ڪيو ايم آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي ئي ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي. رپورٽ ۾ رينجر آپريشن کي وڌ کان وڌ شفاف ۽ قانون جي دائري ۾ رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي. ڪميشن ڪراچي ۾ ماورائي عدالت قتلن تي به پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ان حوالي سان قانوني تقاضا پورا نه ڪيا پيا وڃن. هيومن رائيٽس ڪميشن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪرڻ جي واقعن تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي واضع لفظن ۾ چيو ته ماڻهن کي کڻڻ ۽ انهن جي باري ۾ ڪافي عرصي تائين لاعلم رکڻ ڪنهن به صورت قابل قبول نه آهي. ايڇ آر سي پي اهو به چيو آهي ته نائن زيرو تي ڇاپن جي به آزادانه تحقيقات ٿيڻ گهرجي. انهن فرمايو ته هيومن رائيٽس ڪميشن رينجر مخالف تقريرن تي مقدما درج ڪرڻ تي به وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته رينجر يا ڪنهن به اداري تي تنقيد ڪرڻ جي حق تي ڪنهن به قسم جي پابندي لڳائڻ جو ڪوئي به جائز سبب موجود نه آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ ميڊيا تي ڌٻاءُ وڌو ويو ته هيومن رائيٽس ڪميشن جي ان رپورٽ کي شايع نه ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ ميڊيا جي آزادي جو ڳلو ڌٻايو پيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ان 

ڪنوينشن جو موضوع وڌيڪ صوبا.... مضبوط پاڪستان آهي ۽ اڄ جي حالتن ۾ پاڪستان ۾ وڌيڪ صوبن جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي. پاڪستان ۾ هر جڳھ تي محرومي آهي. پاڪستان جي چئني صوبن ۾ نون صوبن جي قيام جا مطالبا موجود آهن. ڪي پي ڪي ۾ هزاره صوبي ۽ بلوچستان ۾ جنوبي پشتونخواھ صوبي جو مطالبو موجود آهي. پنجاب ۾ سرائيڪي ، بهاولپور ۽ پوٽهار صوبي جون آوازون موجود آهن. فاٽا صوبي جي لاءِ به آوازون اٿي رهيون آهن ۽ سنڌ ۾ ڪراچي صوبي يا شهري سنڌ صوبي جو مطالبو به سالن کان موجود آهي. جيڪو هاڻي شدت اختيار ڪندو پيو وڃي. انهن فرمايو ته پاڪستان انهي صورت ۾ مضبوط ٿيندو جڏهن وڌيڪ صوبا قائم ٿيندا.جناب الطاف حسين ڪارڪنن کي چيو ته لنڊن ۾ بينڪ اڪائونٽس بند آهن ۽ تحريڪ مالي پريشانين جو شڪار آهي. ان جي ڪري ڪارڪن پنهنجي طاقت جي مطابق چندو موڪلين. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مهاجرن جي غيب سان مدد فرمائي، اسان جي مشڪلاتن کي آسان فرمائي. انهن پاڪستان جي ممتاز مزاحيه اداڪار فريد خان جي وفات تي وڏي دلي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي لاءِ فاتحه خواني به ڪرائي. جناب الطاف حسين تاريخي ڪنوينشن جي انعقاد تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي، سيٽرل آرگنائيزر ڪميٽي ۽ آمريڪا جي سمورين رياستن جي چيپٽرن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي به دلي مبارڪباد ۽ خراج تحسين پيش ڪيو. 
*****


6/30/2024 5:46:33 AM