Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن جماعت آهي ان کي طاقت جي ذريعي چٿڻ جو عمل ڪنهن به طرح صحيح نه آهي. ڊاڪٽر سليم دانش.


ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن جماعت آهي ان کي طاقت جي ذريعي چٿڻ جو عمل ڪنهن به طرح صحيح نه آهي. ڊاڪٽر سليم دانش.
 Posted on: 7/1/2015 1
ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن جماعت آهي ان کي طاقت جي ذريعي چٿڻ جو عمل ڪنهن به طرح صحيح نه آهي. ڊاڪٽر سليم دانش.
آخر مهاجر ڪنهن کي ڌانهن ڏين ۽ ڪير اسان جي ٻڌندو.محمد شريف.
ايم ڪيو ايم يوڪي سائوٿ آل يونٽ جي زير اهتمام دعوت افطار کي خطاب.
لنڊن؛ پهرين جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ ايم ڪيو ايم يوڪي جي آرگنائيزر ڊاڪٽر سليم دانش چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن جماعت آهي ۽ ان کي طاقت جي ذريعي چٿڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ ان جو ميڊيا ٽرائل ڪرڻ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن برطانيه سائوٿ آل يونٽ جي زير اهتمام دعوت افطار کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن ۾ پاڪستاني برادري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر سليم دانش چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ اٽل حقيقت آهي جيڪا سنڌ جي شهري علائقن جي نمائندگي رکي ٿي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪروڙين عوام جا محبوب قائد آهن. انهن چيو ته هڪ عوامي جماعت کي چٿڻ جي ڪوشش نه ڪالھ صحيح هئي ۽ نه اڄ صحيح آهي. ان جي ڪري ماضي مان سبق حاصل ڪندي ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي کليل دل سان تسليم ڪيو وڃي. انهن چيو ته ميڊيا ٽرائل ۽ طاقت جي ذريعي دنيا جي ڪائي به طاقت عوام جي دلين مان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي محبت کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سي اي سي ميمبر محمد شريف چيو ته ايم ڪيو ايم تي الزام لڳائڻ وارا جواب ڏين ته جڏهن قصبه ڪالوني عليڳڙھ، 30 سيپٽمبر سانحه حيدرآباد، پڪا قلعه آپريشن ۽ ٻين سانحن ۾ مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو ته ڪهڙي حڪومت ، پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن مهاجرن جي جان و مال کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو؟ ان موقعي تي جوائنٽ انچارج سهيل خانزاده ۽ جنرل سيڪريٽري منظور احمد به خطاب ڪيو. 

6/30/2024 7:27:56 AM