Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گلبهار ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس تي رينجر جي غير قانوني ڇاپي ۽ سيڪٽر انچارج سميت 16 ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين تي قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان مذمت جو اظهار.


گلبهار ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس تي رينجر جي غير قانوني ڇاپي ۽ سيڪٽر انچارج سميت 16 ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين تي قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 7/2/2015 1
گلبهار ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس تي رينجر جي غير قانوني ڇاپي ۽ سيڪٽر انچارج سميت 16 ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين تي قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 2 جولائي 2015 
              قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن گلبهار ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس تي رينجر جي غير قانوني ڇاپن ۽ سيڪٽر انچارج سميت 16 ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي بغير جواز جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته رينجر جي ڇاپي مار ڪاروائي ڪي ڪي ايف کي رضاڪارانه طور تي زڪوٰت ۽ فطري کان روڪڻ جي مذموم ڪوشش آهي ۽ ان کي ڀتي جو نالو ڏيئي ڪري ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ جي هڪ مڪروھ سازش جو حصو قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي لاءِ غريبن ، مستحقن، يتيمن ۽ بيواهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ زڪوٰت ۽ فطرو گڏ ڪرڻ جي حوالي سان پرامن طريقي سان ويٺل رينجر ڪهڙي قانون جي تحت ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو؟ انهن چيو ته پهرين ئي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي سرڪاري اهلڪارن جي طرفان روزانه جي بنياد تي وڏي تعداد ۾ گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪري ايم ڪيو ايم جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته هاڻي رينجر فلاحي اداري  جي لاءِ به زڪوٰت ۽ فطرو گڏ ڪندڙ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. انهن چيو ته سڀ ڄاڻين ٿا ته عوام پنهنجي مرضي سان ڪي ڪي ايف کي زڪوٰت ۽ فطرو ڪيترن ئي سالن کان ڏيندا پيا اچن پر ان جي باوجود ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ وڏو قابل مذمت عمل آهي. انهن اختيار رکندڙ ڌرين کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيل 16 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ رينجر جي ڇاپي مار ڪاروائي جو آئيني ۽ قانوني طور سان جائزو وٺي ڪري اهو سلسلو بند ڪرايو وڃي. 

7/17/2024 11:07:05 AM