حق پرست عوام عامر خان جي صحت يابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 2 جولائي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ميمبر عامر خان جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين حق پرست امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي عامر خان جي صحت يابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن. واضع رهي ته عامر خان علالت جي ڪري هڪ مقامي اسپتال ۾ زير علاج آهن ۽ اڄ انهن جي سرجري به متوقع آهي.
*****