Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان جا والدين ۽ اسان جا ڀائر ڏوهاري نه آهن ۽ نه ئي الطاف حسين ڀاءُ جو ساٿ ڏيڻ ڪوئي ڏوھ آهي. گرفتار ٿيل ڪارڪنن جا گهر وارا.


اسان جا والدين ۽ اسان جا ڀائر ڏوهاري نه آهن ۽ نه ئي الطاف حسين ڀاءُ جو ساٿ ڏيڻ ڪوئي ڏوھ آهي. گرفتار ٿيل ڪارڪنن جا گهر وارا.
 Posted on: 7/2/2015 1
اسان جا والدين ۽ اسان جا ڀائر ڏوهاري نه آهن ۽ نه ئي الطاف حسين ڀاءُ جو ساٿ ڏيڻ ڪوئي ڏوھ آهي. گرفتار ٿيل ڪارڪنن جا گهر وارا.
ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ڪوئي ڏوھ نه ڪري رهيا هئا. بلڪه غريب ۽ مستحق ماڻهن جي امداد جي لاءِ مذهبي فرض انجام ڏيئي رهيا هئا. هن زمين تي مهاجر ٿيڻ ڏوھ بڻايو ويو آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 2 جولائي 2015 
             ناظم آباد گلبهار عوامي رابطا مهم جي دوران رينجر اهلڪارن جي ڇاپي ۾ گرفتار ٿيل ناظم آباد گلبهار جي سيڪٽر انچارج ، جوائنٽ سيڪٽر انچارجن ۽ ميمبرن سميت 16 ڪارڪن جي گهر وارن چيو آهي ته اسان جا والدين ۽ ڀائر ڪي ڏوهاري نه آهن ۽ نه ئي الطاف حسين ڀاءُ جو ساٿ ڏيڻ ڪو ڏوھ آهي. اسان مهاجرن سان اهو سڀ ڪجھ ٿي رهيو آهي پر اسان جي لاءِ ڪوئي به آواز اٿارڻ وارو نه آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ڪوئي ڏوھ نه ڪري رهيا هئا. بلڪه غريب ۽ مستحق ماڻهن جي مدد جي لاءِ مذهبي فرض انجام ڏيئي رهيا هئا. انهن چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته ڇاپي جي دوران گرفتار ٿيل سمورن ڪارڪنن کي رها ڪيو وڃي ۽ اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. اها ڳالھ انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ رابطا ڪميٽي جي هنگامي پريس ڪانفرنس جي دوران ڪئي. پريس ڪانفرنس کي رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ميمبر قومي اسيمبلي سفيان يوسف به خطاب ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور، عارف خان ايڊووڪيٽ، اسلم آفريدي، عظيم احمد فاروقي ۽ اسيمبلي ميمبر به موجود هئا.  ان موقعي تي گرفتار ٿيلن جو امڙيون ۽ ڀينرون به موجود هيون. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ناظم آباد گلبهار پيتل گلي ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان علائقي وارن جي لاءِ هڪ افطار پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو هو جتي وڏي تعداد ۾ علائقي جا ماڻهو موجود هئا. انهن ٻڌايو ته افطار پارٽي کان پوءِ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي سفيان يوسف ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان گڏ ويٺا هئا. ته رينجر جي وڏي نفري علائقي کي گهيري ورتو ۽ اتي موجود سمورن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن نه ڪو ڏوھ ڪري رهيا هئا ۽ نه ئي اهي ڪو ڳجهو اجلاس ڪري رهيا هئا ۽ نه ئي زور زبردستي زڪوٰت ۽ فطرو گڏ ڪري رهيا هئا. انهن چيو ته رينجر جي طرفان ان طرح جي عمل سان نفرتون ڦيلجنديون ۽ اهو عمل رنجشن جو ڪارڻ بڻجندو. انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي اڄ جي افسوسناڪ واقعي جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ اسان کي انصاف ڏيارين. انهن چيو ته هڪ هفتي جي دوران ايم ڪيو ايم جي ٽن سيڪٽر انچارجن ۽ 25 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيڪي رضاڪارانه طور تي ڪي ڪي ايف جي لاءِ چندو گڏ ڪري رهيا هئا. انهن چيو ته ڪي ڪي ايف ملڪ جو سڀني کان وڏو فلاحي ادارو آهي. جنهن جون ايمبولنسون، ميت بسون، اسپتالَ، ڊسپينسريون ۽ تعليمي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جيڪو نه صرف ملڪي سطح تي بلڪه ٻاهرين ملڪن ۾ به امدادي سرگرمين ۾ پيش پيش رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته هن وقت اسان پريس ڪانفرنس جي ذريعي حالات عوام تائين پهچائي رهيا آهيون جنهن کان پوءِ رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو ۽  آئنده جو لائحه عمل تيار ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها آپريشن جي سمت کي درست ڪري ۽ ان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ جي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. پريس ڪانفرنس کي سفيان يوسف به خطاب ڪيو. ان کان پوءِ گرفتار ٿيلن جي گهر وارن ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ساٿ ڏيڻ ڪوئي ڏوھ نه آهي ۽ انهن جي پيارن کي اڄ رها ڪيو وڃي ۽ انهن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي تي وڏا دردناڪ منظر ڏسڻ ۾ آيا گرفتار ٿيلن جا گهر وارا آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کي اپيلون ڪري رهيا هئا ته اهي اسان تي ظلم بند ڪرائين ۽ اسان کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. 

7/17/2024 11:18:37 AM