Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گلبهار ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر آفيس تي ڇاپي جي دوران گرفتار ٿيلن جي تعداد 16 آهي. ايم ڪيو ايم.


گلبهار ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر آفيس تي ڇاپي جي دوران گرفتار ٿيلن جي تعداد 16 آهي. ايم ڪيو ايم.
 Posted on: 7/2/2015 1
گلبهار ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر آفيس تي ڇاپي جي دوران گرفتار ٿيلن جي تعداد 16 آهي. ايم ڪيو ايم.
گرفتار ٿيلن ۾ سيڪٽر انچارج زبير اشرف، جوائنٽ سيڪٽر انچارجَ شاڪر رضا ۽ حامد ٻه يونٽ انچارجَ ، ذميوار ۽ ڪارڪن َ شامل آهن.
ڪراچي؛ 2 جولائي 2015 
             گلبهار ڪالوني مان ايم ڪيو ايم ناظم آباد گلبهار سيڪٽر آفيس تي رينجر جي ڇاپي جي دوران گرفتار ٿيلن جي تعداد 16 آهي. جن ۾ سيڪٽر انچارج زبير اشرف، جوائنٽ سيڪٽر انچارجَ شاڪر رضا ۽ حامد، ٻه يونٽ انچارجَ ، ذميوار ۽ ڪارڪن َ شامل آهن. تفصيلات جي مطابق گلبهار ڪالوني جي علائقي پيتل گلي ۾ سيڪٽر آفيس ۾ افطار ڪرڻ کان پوءِ عوامي مسئلن جي حل ۽ فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي لاءِ زڪوٰت ۽ فطري جا عطيا جمع ڪرڻ جي  سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جا ذميوار ۽ ڪارڪن به موجود هئا. جڏهن ته اتي حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي سفيان يوسف به موجود هئا. رينجر ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان گڏو گڏ سفيان يوسف سان به بدتميزي ڪئي، رينجر اهلڪار آفيس ۾ موجود فائيلون ، زڪوٰت ۽ فطري جون رسيدون ۽ ٻيون آفيس جون شيون به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. رينجر جي هٿان گرفتار ٿيلن ۾ سيڪٽر انچارج زبير اشرف، جوائنٽ سيڪٽر انچارجَ شاڪر رضا ۽ حامد کان علاوه سيڪٽر ميمبر نثار، حامد، شهزاد، وسيم، دانش، قيوم، يونٽ انچارجَ عباس، امتياز، شاڪر انصاري، يونٽ 181 جي يونٽ ڪميٽي جو ميمبر عدنان اشرف، يونٽ 181 جا ڪارڪن عظمت، ظفر علي ۽ يونٽ 188 جو ڪارڪن فرخ جاويد به شامل آهن. رينجر انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعن جي مطابق انهن ڪارڪنن کي سرڪاري حراست ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو به بڻايو پيو وڃي.

7/17/2024 11:13:43 AM