وزير اعظم جو دورو ڪراچي جي ميڊيا جي لاءِ هو، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اهو ئي حڪمراني جو طريقو رائج آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالھ ٻولھ.
حيدرآباد؛ 3 جولائي 2015
وزير اعظم جو دورو ڪراچي جي ميڊيا جي لاءِ هو، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اهو ئي حڪمراني جو طريقو رائج آهي. انهن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. انهن چيو ته ڪراچي جيڪو پوري ملڪ جو معاشي حب آهي ان سان حڪمرانن جو اهو رويو قابل مذمت آهي. انهن چيو ته طارق مير جي بيان تي جيڪو طوفان ميڊيا ۾ اٿاريو ويو لنڊن پوليس جي بيان کان پوءِ اهو طوفان پاڻهي ختم ٿي ويو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته عابد شير علي جو اهو بيان ته ڪراچي ۾ ماڻهن جي فوتگين جي ذميوار حڪومت نه بلڪه گرمي آهي وڏو قابل مذمت آهي. انهن چيو ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ فوتگين جي ذميواري صرف ۽ صرف وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي آهي.
*****