Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين انسانيت جي خدمت جي بي شمار ڪمن جي بدلي ڪڏهن به ملڪ جي وزير اعظم ٿيڻ جي خواهش ظاهر نه ڪئي آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين انسانيت جي خدمت جي بي شمار ڪمن جي بدلي ڪڏهن به ملڪ جي وزير اعظم ٿيڻ جي خواهش ظاهر نه ڪئي آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
 Posted on: 7/3/2015 1
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين انسانيت جي خدمت جي بي شمار ڪمن جي بدلي ڪڏهن به ملڪ جي وزير اعظم ٿيڻ جي خواهش ظاهر نه ڪئي آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪرڻ ڪراچي جي عوام جي لڳاتار توهين آهي.قمر منصور.
حيدرآباد زون جي زير اهتمام ديالداس ڪلب ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب.
حيدرآباد؛ 3 جولائي 2015 
           ايم  ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين انسانيت جي خدمت جي بي شمار ڪمن جي بدلي ڪڏهن به ملڪ جو وزير اعظم ٿيڻ جي خواهش ظاهر نه ڪئي آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن حيدرآباد زون جي زير اهتمام ديالداس ڪلب ۾ منعقد ٿيندڙ دعوت افطار کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور، عبدالحسيب، عظيم فاروقي، سي اي سي ميمبر، آئي ايس ٽي انچارج  عمر قريشي، اسيمبلي ميمبر ۽ ٻين کان علاوه حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي به موجود هو. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته ڇاپا ۽ گرفتاريون ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي حق جي راھ کان هٽائي نه ٿيون سگهن اهو ڄاڻيندي ته اهو رستو وڏو ڏکيو آهي ان جي باوجود اسان ان جي چونڊ ڪئي آهي. انهن چيو ته اسان جي معاشري ۾ خانداني حڪمراني جو تسلسل قائم آهي ۽ ان تسلسل جا محافظ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪنهن به صورت برداشت ڪرڻ نه ٿا چاهين، پر اسان ان ڳالھ جو يقين رکون ٿا ته اهو حق پرستي جو قافلو پنهنجي منزل تي ضرور پهچندو. تقريب کي خطاب ڪندي قمر منصور چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکئي وقت مان گذري رهي آهي پر هميشه وانگر ڪاميابي ئي ايم ڪيو ايم جو  مقدر بڻجندي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪرڻ ڪراچي جي عوام جي لڳاتار توهين آهي. انهن چيو ته داعش، ٽي ٽي پي ۽ ٻيون ملڪ دشمن جماعتون ته ملڪ ۾ آزادي سان ڪم ڪري رهيون آهن پر ايم ڪيو ايم کي فلاحي ڪمن جي به اجازت نه ٿي ڏني وڃي. تقريب کي خطاب ڪندي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي چيو ته ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين تي پابندي عائد ڪرڻ وارا ملڪ ۾ انتشار ۽ نفرتون ڦيلائڻ چاهين ٿا. انهن چيو ته ماضي ۾ به رياستي طاقت جي نشي ۾ حڪمرانن ايم ڪيو ايم جي خاتمي جو خواب ڏٺو هو.پر الله سائين جي فضل و ڪرم سان ايم ڪيو ايم اڄ نه صرف پاڪستان بلڪه پوري دنيا ۾ پکڙيل آهي. تقريب کي حيدرآباد شعبه خواتين جي انچارج رضوانه اسلم به خطاب ڪيو.

6/30/2024 7:28:46 AM