Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ رينجر ۽ پوليس جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون ڇتيون گرفتاريون قابل مذمت آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ڪراچي ۾ رينجر ۽ پوليس جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون ڇتيون گرفتاريون قابل مذمت آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 7/3/2015 1
ڪراچي ۾ رينجر ۽ پوليس جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون ڇتيون گرفتاريون قابل مذمت آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
انساني حقن جون تنظيمون گرفتارين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خلاف آواز بلند ڪن.رابطا ڪميٽي جي اپيل.
ڪراچي؛ 3 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجر، پوليس ۽ ساده لباس پهريل اهلڪارن جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ڇتين  گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي پهرين ئي هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو پيو وڃي پر رمضان شريف جي شروع ٿيندي ئي ايم ڪيو ايم جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين ۾ اضافو ٿي ويو آهي. 2 جولائي تي رينجر بلديه ٽائون کان 5 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو جن ۾ يونٽ 116 جا عبدالقادر، نعيم ياور ۽ محمد دانش، يونٽ 112 بي جو عابد جميل ۽ يونٽ 113 جو ڪارڪن عدنان شيخ شامل آهن. رينجر شاھ فيصل ڪالوني کان يونٽ 105 جي ڪارڪنن وقاص علي ۽ عدنان کي به گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته سرجاني ٽائون کان يونٽ 7 جي ڪارڪن آصف احمد ۽ رنڇوڙ لائين يونٽ 34 جي ڪارڪن محمد اسماعيل کي به گرفتار ڪري ورتو. رينجر اڄ جمعي جي ڏينهن به لياري سيڪٽر يونٽ 31 جي ڪارڪن عبدالرحمٰن، رنڇوڙ لائين يوسي 5 جي ڪارڪن محمد جاويد، اسڪيم 33 جي ڪارڪن محمد علي ۽ لياقت آباد يونٽ 164 جي ڪارڪن محمد قاسم غوث کي به انهن جي گهر کان گرفتار ڪري ورتو. گلشن اقبال مان به يونٽ 67 سي جي ڪارڪن عامر کي به رينجر گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح اورنگي ٽائون يونٽ 120 جي سرڪل انچارج محمد سهيل کي به رينجر گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ گلبهار ڪالوني  سيڪٽر آفيس مان 16 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويو هو. اهڙي طرح 48 ڪلاڪن ۾ اسان جي 31 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جي بجاءِ گم ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي ڇتين گرفتارين مان ثابت ٿي ويو آهي ته ٽارگيٽڊ آپريشن  جي نالي تي صرف ايم ڪيو ايم کي ئي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ رينجر جي طرفان کلي عام اهو اعلان به ڪيو پيو وڃي ته اسان ڪي ڪي ايف کي زڪوٰت ۽ فطرو گڏ ڪرڻ نه ڏينداسين. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي به انهن گرفتارين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تي آواز اٿارين. 

7/17/2024 11:17:19 AM