Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عوام ۽ ڪارڪن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف اسٽيبلشمينٽ جي سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.برطانيه جو جوائنٽ آرگنائيزر سهيل خانزاده.


عوام ۽ ڪارڪن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف اسٽيبلشمينٽ جي سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.برطانيه جو جوائنٽ آرگنائيزر سهيل خانزاده.
 Posted on: 7/3/2015 1
عوام ۽ ڪارڪن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف اسٽيبلشمينٽ جي سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.برطانيه جو جوائنٽ آرگنائيزر سهيل خانزاده.
مانچسٽر يونٽ ۾ افطار پارٽي کي خطاب.
لنڊن؛ 3 جولائي 2015 
           متحده قومي موومينٽ برطانيه جي جوائنٽ آرگنائيزر سهيل خانزاده چيو آهي ته ايم ڪيو ايم برطانيه جا ڪارڪن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف اسٽيبلشمينٽ جي طرفان ٿيندڙ سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم برطانيه مانچسٽر يونٽ جي زير اهتمام هڪ افطار  پارٽي کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم مانچسٽر يونٽ ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا. سهيل خانزده چيو ته عوام ۽ ڪارڪنن کي ايم ڪيو ايم جي خلاف ميڊيا ٽرائل ۽ منفي پروفيگنڊن جي ذريعي گمراھ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. انهن چيو ته لازوال قربانيون ڏيئي ڪري پاڪستان ٺاهڻ وارن جي اولادن مهاجرن کي پاڪستان ٺاهڻ جي سزا ڏني پئي وڃي ۽ انهن کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ کان جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام ۽ موروثي سياست جو خاتمو چاهي ٿي ۽ ملڪ جي غريبن جي حقن جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ اهي حق حاصل ڪري ئي رهندي. تقريب کي ٻين به خطاب ڪيو. 
*****


7/17/2024 11:13:43 AM