Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گلبهار ڪالوني کان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارج زبير اشرف ۽ جوائنٽ سيڪٽر انچارجن سميت 16 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي رينجر جي حوالي ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


گلبهار ڪالوني کان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارج زبير اشرف ۽ جوائنٽ سيڪٽر انچارجن سميت 16 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي رينجر جي حوالي ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 7/3/2015 1
گلبهار ڪالوني کان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارج زبير اشرف ۽ جوائنٽ سيڪٽر انچارجن سميت 16 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي رينجر جي حوالي ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 3 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گلبهار ڪالوني جي علائقي مان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارج زبير اشرف، جوائنٽ سيڪٽر انچارجن ۽ سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبرن سميت 16 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي رينجر جي تحويل ۾ ڏيڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جا اهي ذميوار ۽ ڪارڪن ٻه ڏينهن اڳ سيڪٽر آفيس ۾ افطار ڪرڻ کان پوءِ ويٺا هئا ته رينجر ڇاپو هڻي انهن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن تي اهو بيهوده الزام به لڳايو ته اهي ڏاڍ جي زور تي زڪوٰت ۽ فطرو وصول ڪري رهيا هئا. ايم ڪيو ايم جي انهن ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي ڪوئي به مقدمو نه آهي پر انهن کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي رينجر جي تحويل ۾ ڏنو ويو آهي ۽ ڪجھ اطلاعن جي مطابق رينجر انهن تي وحشياڻو تشدد به ڪري رهي آهي. اهڙي طرح تشدد ڪري انهن کان پنهنجي مرضي جا بيان ورتا پيا وڃن ۽ انهن تي ڪوڙا مقدما به قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن سياسي ڪارڪنن کي ڏوهاري بڻائي ڪري پيش ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته اهڙن هٿڪنڊن مان صاف ظاهر آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي انهن بي گناھ ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي ڪراچي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين  جو نوٽس وٺن. 

6/30/2024 7:33:00 AM