Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جون گرفتاريون.


رينجر جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جون گرفتاريون.
 Posted on: 7/3/2015 1
رينجر جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جون گرفتاريون.
رينجر بلديه ٽائون ۽ اسڪيم 33 مان گرفتاريون ڪيون آهن جڏهن ته ڀنگوريه ڳوٺ مان به گرفتارين جا اطلاعَ آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 3 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي شهر جي مختلف علائقن کان رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ انهن گرفتارين کي ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين کي طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ جي مذموم ڪوشش قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر بلديه ٽائون جي علائقي مان ايم ڪيو ايم يونٽ 116 جي ٽن ڪارڪنن قادر، دانش ۽ محمد نعيم کي انهن جي گهر کان گرفتار ڪري ورتو. ڇاپن جي دوران رينجر وارن انهن جي امڙين ۽ ڀينرن کي ڌڪا ڏنا ۽ انهن کي گهٽ وڌ به ڳالهايو. رينجر اسڪيم 33 مان يونٽ 33 اي جي ڪارڪن محمد علي کي به انهن جي گهر کان گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته عزيز آباد جي علائقي ڀنگوريه ڳوٺ ۾ به ڇاپن ۽ گرفتارين جا اطلاعَ آهن. رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي ٻين شهرن وانگر ڪراچي ۾ به پابندي وڌل تنظيمون ۽ مذهبي جماعتون کلي عام زڪوٰت ۽ فطرو وصول ڪري رهيون آهن پر رينجر انهن پابندي وڌل تنظيمن يا مذهبي جماعتن جي خلاف ته ڪائي به ڪاروائي نه ڪئي آهي. پر جڏهن ته ڪي ڪي ايف جي لاءِ زڪوٰت ۽ فطرو وصول ڪرڻ رينجر اسان جي لاءِ ڏوھ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ان ڏوھ ۾ سڄي شهر مان ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ انهن تي ڪوڙا مقدما به قائم ڪيا پيا وڃن، ان مان صاف ظاهر آهي ته هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت ايم ڪيو ايم ۽ ان جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين کي طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته ان طرح جي هٿڪنڊن سان ايم ڪيو ايم جهڙي عوامي جماعت کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي انجمنن کي اپيل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خلاف آواز بلند ڪن. 

7/17/2024 11:15:52 AM