متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن جي ميمبرن جو هنگامي اجلاس.
آصف علي زرداري ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي غيرذميواراڻه رويي تي مذمت جو اظهار.
ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي مشوري کان پوءِ آئنده جو لائحه عمل بڻايو ويندو. رابطا ڪميٽي لنڊن.
لنڊن؛ 4 جولائي 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن جي ميمبرن جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پي پي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي غيرذميواراڻه رويي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي لنڊن جي ميمبرن رابطا ڪميٽي پاڪستان جي ميمبرن کي چيو ته اهي آصف علي زرداري ۽ سيد قائم علي شاھ جي غيرذميواراڻه رويي جو نوٽس وٺن ۽ ان تي فوري طور تي سمورن تنظيمي شعبن جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن جو اجلاس گهرائي موجوده صورتحال جي حوالي سان انهن جي رائي وٺن ۽ انهن جي رائي جي روشني ۾ آئنده جو لائحه عمل بڻائين ۽ مسقتبل جو فيصلو ڪن.
*****