Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ سان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو ٽيليفون تي رابطو.


وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ سان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو ٽيليفون تي رابطو.
 Posted on: 7/4/2015 1
وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ سان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو ٽيليفون تي رابطو.
رينجر پوري سنڌ کي مقبوضه سنڌ بڻائي ڇڏيو آهي پر قائم علي شاھ ۽ آصف علي زرداري جو رويو افسوسناڪ آهي.
دبئي ۾ آصف علي زرداري کي ٻن ٽيليفون نمبرن تي ڪيترائي ڀيرا فون ڪيا پر اتي به ڪنهن فون نه کنيو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 4 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سنڌ جي شهرين تي رينجر جي طرفان غير آئيني، غير قانوني ۽ جاهليت واري زماني جو ظلم ڪرڻ جي خلاف وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي فون ڪيو، ڇو ته فون ٻئي فون نمبر تان ڪيو ويو هو، آواز به صاف نه اچي رهي هئي ۽ سائين قائم علي شاھ پنهنجي ضعيف العمري جي ڪري لفظن کي صحيح طور تي سمجهي به نه رهيا هئا. جنهن تي جناب الطاف حسين انهن کي چيو ته مان اوهان کي ڊائريڪٽ فون تان فون ڪريان ٿو پر وزير اعلٰي سنڌ جي بجاءِ آپريٽر فون کنيو ۽ چيو ته ڇا اوهان جي سائين سان ڳالھ نه ٿي آهي جنهن تي مان چيو ته لائين خراب هئي ان جي ڪري مان سائين کي چيو ته مان پنهجي فون تان اوهان کي فون ڪريان ٿو. آپريٽر چيو ته هڪ منٽ هولڊ ڪريو مان فون ملايان ٿو ته حسب روايت هولڊ تي ذوالفقار علي ڀٽي مرحوم ۽ بي نظير ڀٽو مرحومه  جون ريڪارڊ ٿيل تقريرون ٻڌڻ ۾ مليون، ٿوڙي دير کان پوءِ آپريٽر واپس آيو ۽ چيو ته مان ٻن منٽن کان پوءِ اوهان کي واپس ملايان ٿو. ان کان پوءِ قائم علي شاھ ۽ انهن جي آپريٽر جو اڌ ڪلاڪ انتظار ڪرڻ جي باوجود فون نه آيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان سنڌ جي سمورن اردو ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارن سنڌين جي علم ۾ اهو رويو آڻڻ چاهيان ٿو ته قائم علي شاھ جو رويو اهو آهي. ان کان پوءِ مان ٻه ڀيرا دبئي ۾ پي پي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کي ٻن ٽيليفون نمبرن تي ڪيترائي فون ڪيا. پر اتي به ڪنهن فون نه کنيو.جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌ باھ ۾ سڙي رهيو آهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سان جنگي قيدين جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ رينجر پنهنجي عمل سان پوري سنڌ کي مقبوضه سنڌ بڻائي ڇڏيو آهي، پر قائم علي شاھ جو اهو غير ذميواراڻه رويو ۽ آصف علي زرداري جو اهو رويو انتهائي افسوسناڪ آهي. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته انهن کي سنڌ ڌرتي جي واسين سان ذري برابر به نه ته ڪائي محبت آهي ۽ نه ئي انهن جي مسقتبل جي ڪا ڳڻتي آهي. 

7/17/2024 11:07:05 AM