Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين جي رستي ۾ رنڊڪون وجهڻ غيرقانوني آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين جي رستي ۾ رنڊڪون وجهڻ غيرقانوني آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/4/2015 1
رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين جي رستي ۾ رنڊڪون وجهڻ غيرقانوني آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي لاءِ عطيات جمع ڪرڻ وارن کي گرفتار ڪري ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪرڻ سراسر ظلم آهي.
رينجر وارا واقعي بهادر آهن ته اسان جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ مقبوضه ڪشمير کي انڊيا کان آزاد ڪرائين.
ڪارڪنن کي چوان ٿو ته اوهان ائين ئي ڄميل رهجو، انشاء الله تعالٰي اسان ان امتحان ۾ به ڪامياب ٿينداسين. نائن زيرو تي تنظيمي شعبن کي خطاب.
لنڊن؛ 4 جولائي 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته عوام جي بغير ڪنهن فرق جي ۽ بي لوث مدد ڪرڻ واري ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين جي رستي ۾ رنڊڪون وجهڻ غيرقانوني ۽ غير شرعي آهي ۽ ان جي لاءِ عطيات جمع ڪرڻ وارن کي گرفتار ڪري انهن کي ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪرڻ نه صرف سراسر ظلم آهي بلڪه الله سائين جي عذاب کي دعوت ڏيڻ جي به برابر آهي. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي تنظيمي شعبن جي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمائي. انهن فرمايو ته پهرين جولائي تي ناظم آباد گلبهار سيڪٽر ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس ۾ افطار پارٽي هئي. جتي ايم ڪيو ايم جو ايم اين اي سفيان يوسف به موجود هو. افطار پارٽي جي اختتام تي تمام شرڪاء واپس وڃي رهيا هئا ته رينجر آفيس جي چئني طرفن کان گهيراءُ ڪري ورتو ۽ اتي موجود ايم ڪيو ايم جي 16 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. رينجر ان ڇاپي ۽ گرفتاري جي باري ۾ اهو اعلاميو جاري ڪيو ته انهن ماڻهن کي ان جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي جو اهي زبردستي زڪوٰت ۽ فطرو وٺي رهيا هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته رينجر هڪ پيراملٽري فورس آهي ۽ ان پاڪستان سان وفاداري، عوام جي جان و مال جي تحفظ ۽ سچ ڳالهائڻ جو حلف کنيو آهي پر رينجر ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري جي باري ۾ بلڪل ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ قرآن پاڪ ۾ الله تعالٰي ڪوڙن تي لعنت فرمائي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته رينجر انهن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ منھ تي ڪپڙو ٻڌي ڪري ۽ هٿڪڙيون هڻي ڪري اهڙي طرح پيش ڪيو جو ڄڻ ته اهي سياسي ڪارڪن نه بلڪه تمام وڏا دهشت گرد ۽ قاتل هجن. انهن ان سلوڪ جي سخت مذمت ڪندي فرمايو ته جهڙي طرح جو وحشياڻو ۽ ذلت وارو سلوڪ انهن ڪارڪنن سان ڪيو پيو وڃي اهڙي طرح جو ذلت وارو سلوڪ ته جنگي قيدين سان به نه ٿو ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته ڪي ڪي ايف اسان جو هڪ فلاحي ادارو آهي جيڪو تحريڪ جي شروعاتي ڏينهن  کان ئي قائم آهي ۽ اهو هر مهيني غريب ۽ مستحق ماڻهن ، بيوائن، يتيمن ۽ معذورن جي مدد ڪري ٿو. هر سال رمضان شريف ۾ هزارين غريبن ۾ ڪروڙين روپين جو امداري سامان ڪپڙا، کاڌي پيتي جون شيون، وهيل چيئرز، فروٽ ۽ سبزي جا ريڙها به تقسيم ڪري ٿو. ڪي ڪي ايف جون 200 جي لڳ ڀڳ ايمبولينسون پوري ملڪ ۾ هلي رهيون آهن، ميت بسون هلي رهيون آهن، ڪي ڪي ايف جون موبائيل ڊسپينسريون هلي رهيون آهن.ان کان علاوه نذير حسين اسپتال ۽ اسڪول به قائم آهن. ان سان گڏو گڏ حيدرآباد ۾ به ڪي ڪي ايف جو اسپتال عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي. جيڪو ٻارن جي وينٽي ليٽرن ۽ ٻين جديد سهولتن سان آراسته آهي. ان کان علاوه ڪي ڪي ايف هڪ وڏو بلڊ بينڪ به هلائي رهيو آهي. جڏهن به ڪٿي ڪو حادثو يا قدرتي آفت اچي ٿي ته ڪي ڪي ايف جا ڊاڪٽر، پيراميڊيڪل جو اسٽاف ۽ رضاڪار عوام جي خدمت جي لاءِ فورن پهچن ٿا . 2005 ۾ آزاد ڪشمير ۾ قيامت خيز زلزلو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف ٻن سالن تائين اتي فيلڊ اسپتال ۽ امدادي مرڪز قائم ڪري جنهن وڏي پيماني تي متاثرن جي مدد ڪئي هئي ان جا شاهد آزاد ڪشمير جا عوام، اتان جا اڪابر ۽ رٽائر جنرل آهن.انهن کي گهرجي ته اهي سامهون اچي ڪري ان ڳالھ جي شاهدي ڏين ۽ واضع طور تي  چون ته ايم ڪيو ايم جهڙي جماعت تي ظلم بند ڪريو ۽ ظلم ڪري الله سائين جي عذاب کي دعوت نه ڏيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته رينجر جي طرفان عوام جي بغير ڪنهن فرق جي مدد ڪرڻ واري ڪي ڪي ايف جي سرگرمين جي راھ ۾ رنڊڪون وجهڻ غيرقانوني آهي ۽ ان جي لاءِ زڪوٰت ۽ فطري جا عطيات جمع ڪرڻ وارن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪري انهن کي ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪرڻ ۽ انهن سان جنگي قيدين جهڙو سلوڪ ڪرڻ بهادري نه بلڪه بزدلي آهي. انهن فرمايو ته رينجر وارا واقعي بهادر آهن ته اسان جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ مقبوضه ڪشمير ۾ وڃي ڪري ان کي انڊيا کان آزاد ڪرائين. جيڪڏهن اهي ائين ڪن ته اسان انهن کي سلوٽ پيش ڪنداسين. انهن فرمايو ته رينجر جي ناجائز قدمن تي هاڻي عام شهري ئي نه بلڪه سنڌ حڪومت سان گڏو گڏ پوليس جا آفيسر ۽ اهلڪار به سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. انهن فرمايو ته حقن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ وارن کي طاقت جي ذريعي بلوچستان ۾ ماريو ويو، سنڌ ۾ ماريو ويو ۽ هاڻي ڪراچي ۾ به بغير ڪنهن ڏوھ جي ماريو پيو وڃي. انهن فرمايو ته ڪي پي ڪي سان گڏو گڏ فاٽا ۾ به رياستي آپريشن جي نالي تي پختون عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي بمباري يا گولين جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جيڪو سراسر ظلم آهي. انهن سمورن شعبن کي انهن جي ثابت قدمي تي خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته اوهان ماڻهو انهن ڏکين حالتن ۾ جهڙي طرح ثابت قدمي سان ڪم ڪري رهيا آهيو ان تي مان اوهان کي دل جي گهرائين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ ڏکين حالتن ۾ قربانيون ڏيڻ وارن ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ انهن کي چوان ٿو ته اوهان ائين ئي ڄميل رهو انشاء الله تعالٰي اسان ان امتحان ۾ به ڪامياب ٿينداسين. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي اسان جي غيب سان مدد فرمائي ۽ اسان جي حوصلن کي اڃان وڌيڪ بلند فرمائي. آمين.

7/17/2024 11:14:27 AM