Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بي بي سي جي رپورٽ ۾ لڳايل الزامن جي اسان کلي ڪري ترديد ڪريون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


بي بي سي جي رپورٽ ۾ لڳايل الزامن جي اسان کلي ڪري ترديد ڪريون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 6/25/2015
بي بي سي جي رپورٽ ۾ لڳايل الزامن جي اسان کلي ڪري ترديد ڪريون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 25 جون 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان بي بي سي جي رپورٽ ۾ لڳايل الزامن جي کلي ڪري ترديد ڪريون ٿا. اهي سڀ الزام ڪوڙا آهن. اها ڳالھ انهن جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين جو اهو خطاب آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيه ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ هڪ ئي وقت ٻڌو ويو. جنرل ورڪرز اجلاس جو مرڪزي اجتماع لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جناب الطاف حسين سوره ڪوثر جي تلاوت کان پوءِ پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته تحريڪ 37 سالن  کان جاري آهي ۽ ان دوران 37 هزارن کان وڌيڪ ڀيرا ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون ويون. ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا آپريشن ڪيا ويا. هزارين ڪارڪنن کي وحشياڻي طريقي سان ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف بار بار ڪوڙا پروفيگنڊا ڪيا ويا. پر الله سائين جي فضل و ڪرم سان ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪرڻ وارا پاڻ ئي ختم ٿي ويا ۽ ايم ڪيو ايم اڄ به قائم و دائم ۽ سلامت آهي. اهي هزارين سازشون ڪرڻ جي باوجود به ايم ڪيو ايم کي ختم نه ڪري سگهيا ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم ۾ گروپ بڻائي سگهيا ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي دلين مان الطاف حسين جي محبت کي ختم ڪري سگهيا. ان جي ڪري ظالم قوتن جي سامهون واحد رستو اهو ئي رهجي ويو آهي ته الطاف حسين کي رستي تان هٽائي ڇڏجي. انهن فرمايو ته اڄ تحريڪ جي چئني طرف کان سازشن جا ڄار وڇايا ويا آهن. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم مخالف قوتون اوهان جي ڀاءُ الطاف حسين کي قتل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته اوهان ان تحريڪي جدوجهد کي جاري رکجو ، ظلم ۽ ڏاڍ جي قوتن جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائجو ۽ صبر سان تحريڪي مشن تي گامزن رهجو. الله تعالٰي هڪ ڏينهن قوم جي شهيدن جي قربانين جي صدقي منزل عطا فرمائيندو. انهن فرمايو ته 19 جون 1992 ۾ ان وقت جي آرمي چيف جنرل آصف نواز اهو اعلان ڪيو هو ته سنڌ ۾ فوجي آپريشن اغوا برائي تاوان ، چورين، ڌاڙن، اسٽريٽ ڪرائيمز ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث 72 وڏين مڇين جي خلاف ڪيو ويندو. موجوده وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان قومي اسيمبلي ۾ 72 وڏين مڇين جي فهرست به پيش ڪئي هئي. مان چوڌري نثار کي چوان ٿو ته اهي قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ قرآن پاڪ کڻي ڪري ٻڌائين ته 72 وڏين مڇين جي جيڪا فهرست قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي هئي، ان فهرست جي مطابق فوجي آپريشن ٿيو، يا اهو آپريشن صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿيو هو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ چوڌري نثار برطانوي هائي ڪمشنر سان ملاقات جي دوران ڪاغذن جي ڏي وٺ ڪري رهيا هئا ۽ چئي رهيا هئا ته بي بي سي جي دستاويزي رپورٽ جي حوالي سان صحيح نتيجي تي پهتو ويندو. اهڙي طرح وفاقي وزير دفاع جن جي حرڪتن سان پاڪستان جو دفاع ته ٺهيو پاڪستان جي سلامتي کي به خطرو ٿي سگهي ٿو. انهن قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر رشيد گوڏيل کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته اڄ شام توهان جي لوڊشيڊنگ ٿيڻ واري آهي. لوڊشيڊنگ ڪنهن جماعت جي خلاف نه بلڪه ڪنهن علائقي جي خلاف هوندي آهي. ان جي ڪري وزير دفاع کي ڪيئن خبر پئي ته بي بي سي جي طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف ڊاڪومينٽري نشر ڪئي ويندي. انهن فرمايو ته ڊاڪٽر عمران فاروق کي 16 سيپٽمبر2010 تي شهيد ڪيو ويو هو. پر اسان جي ماهر ايجنسين جا اهلڪار جن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهي قبر مان به ڏوهارين کي ڪڍي وٺن ٿيون. انهن کي پنجن سالن تائين ڊاڪٽر عمران فاروق جا قاتل ڇو نه مليا ۽ موجوده وزير دفاع فرمائين ٿا ته ڊاڪٽر عمران فاروق جي مبينه قاتلن کي پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي علائقي چمن کان گرفتار ڪيو ويو آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن ماڻهن کي پنجن سالن تائين ڪنهن ۽ ڪٿي رکيو هو ۽ افغانستان ڪيئن پهچايا ويا؟ انهن فرمايو ته وزير اعظم ميان نواز شريف محمود خان اچڪزئي سان گڏ چمن ويندا رهيا آهن ۽ افغانستان جي انٽيليجنس ايجنسي خاد جي ڪمانڊر سان به ملندا رهيا آهن. وزير اعظم ڪنهن ملڪ جي وزير اعظم سان ته ملاقات ڪري سگهن ٿا پر ڪنهن ملڪ جي ڳجهي ايجنسي جي سربراھ سان ملاقات نه ٿا ڪري سگهن. انهن فرمايو ته بي بي سي برطانيه جو نشرياتي ادارو آهي ۽ اسان ان اداري جو احترام ڪريون ٿا. پر اسان کي الله تعالٰي سچ ۽ ڪوڙ جي تميز ڪرڻ جي لاءِ عقل به ڏنو آهي. اڄ پاڪستان ۾ بي بي سي جي دستاويزي فلم کي اهڙي طرح بيان ڪيو پيو وڃي جيئن جو نعوذ بالله اها ڪا قرآني آيت يا حديث مبارڪ هجي. جڏهن ته بي بي سي، سي اين اين ۽ ٻين نشرياتي ادارن جي طرفان لڳاتار چيو ويندو رهيو آهي ته عراق ۾( ڊبليو ايم ڊي) آهي ان جي ڪري عراق تي حملو ڪيو وڃي. پر ڇا عراق ۾ هڪ به ڊبليو ايم ڊي نڪتي؟ آمريڪي ايجنسي سي آئي اي جي طرفان اهو الزام لڳايو ويو پر بعد ۾ سي آئي اي جي سربراھ قوم کان معافي گهرندي اعتراف ڪيو ته سي آئي اي عراق ۾ ڊبليو ايم ڊي جي حوالي سان ڪوڙ ڳالهايو هو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن بي بي سي ايترو ئي معتبر ادارو آهي ته ان جي هر ڊاڪومينٽري تي يقين ڪرڻ گهرجي. 26 نومبر 2008 تي بي بي سي پنهنجي پروگرام ۾ هڪ تحقيقاتي پروگرام ٽيرر ان ممبئي جي عنوان سان نشر ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۾ لشڪر طيبه جا ماڻهو موڪليا ويا جن گوليون هلايون ۽ انهن کي ڀارت موڪلڻ واري ايجنسي آئي ايس آئي آهي. ان موقعي تي جناب الطاف حسين مذڪوره پروگرام جا ڪجھ حصا به ٻڌايا جن ۾لشڪر طيبه جي دهشت گردن جي ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ به شامل هئي. جناب الطاف حسين چوڌري نثار ۽ خواجه آصف کي  مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي ڪالھ قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ اچي ڪري جواب ڏين ته بي بي سي چينل فور جي رپورٽ تي انهن جو ڪهڙو موقف آهي. جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته قانون کي نه ته ايم ڪيو ايم کي هٿن ۾ کڻڻ گهرجي ۽ نه ئي آئي ايس آئي ۽ رينجر کي هٿن ۾ کڻڻ گهرجي. انهن فرمايو ته جڏهن کان آپريشن شروع ٿيو آهي منهنجا 41 ڪارڪن ماورائي عدالت قتل ڪيا ويا آهن 198 ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي وئي آهي ۽ 20 ڪارڪن لاپتا آهن. فاروق ستار جي ڊي جي رينجر سان ملاقات ٿي، ڊي جي رينجر انهن کي چيو ته اوهان پنهنجيون آفيسون کوليو ۽ سياسي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيو. اڄ رينجر کي خبر هئي ته اسان جو جنرل ورڪرز اجلاس آهي ته رينجر نائن زيرو جي آس پاس ۾ اسنيڪ چيڪنگ جي نالي تي ڪارڪنن ۽همدردن کي خوفزده ڪيو. اسان ڪراچي ۾ گرمي سٽيلن جي مدد ڪري رهيا آهيون پر اسان تي دهشت گردي جا الزام به لڳايا پيا وڃن. انهن سوال ڪيو ته ڇا سڀئي دهشت صرف ايم ڪيو ايم ۾ آهن؟سڀئي غير قانوني ڪم ڇا صرف ايم ڪيو ايم وارن ڪيا آهن.سابق ڊي جي آئي ايس آئي جنرل حميد گل آئي جي آئي بڻائي ، سياستدانن ۾ پيسا ورهايا ويا. سپريم ڪورٽ ۾ مشهور اصغر خان ڪيس هليو، ڊي جي آئي ايس آئي جنرل اسد دراني پيسن ورهائڻ جو اعتراف ڪيو، سپريم ڪورٽ ۾ مقدمو ثابت ٿي ويو  پر نواز شريف کي جيل ۾ وجهڻ جي بجاءِ وزير اعظم بڻايو ويو. حديبيه پيپر مل ڪيس ۾ اسحاقڊار مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪيو هو پر تعصب پرست تجزيه نگارن کي نه نواز شريف ڏوهاري نظر اچي ٿو ، نه اسحاق ڊار ۽ نه ئي اسد دراني بلڪه انهن کي صرف ايم ڪيو ايم ئي ڏوهاري نظر اچي ٿي. انهن جي نظر ۾ وڏا وڏا سردار ۽ وڏيرا محب وطن آهن. انهن فرمايو ته چوڌري نثار ڪالھ برطانوي هائي ڪمشنر کي وري گهرائين ۽ انهن کي اسحاق ڊار جي مني لانڊرنگ  ۽ بجلي جي سلسلي ۾ وزير دفاع جيڪو ڪٽ لڳايو ان جي به تحقيقات ڪرائين. چوڌري نثار چينل 4 جي ڊاڪومينٽري جي به تحقيقات ڪرائين . چوڌري نثار جيڪڏهن ايمانداري سان ڪم نه ڪيو ته انهن جو ڪوئي به روزو قبول نه ٿيندو. چوڌري نثار ڪراچي آپريشن جي باري ۾ به اعلان ڪيو هو ته  هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي بڻائي ويندي جيڪا نه بڻائي وئي .انهن فرمايو ته مون تي ملڪ دشمنن جو ايجنٽ هجڻ جو الزام لڳايو وڃي ٿو، جيڪي ماڻهو ملڪ دشمنن جا اينجٽ هوندا آهن انهن جا ته وڏا وڏا محل هوندا آهن،اسان جي بزرگن 20 لک جانيون ڏيئي ڪري پاڪستان قائم ڪيو، توهان اسان کي را جو ايجنٽ چئو ٿا ۽ را کان تربيت وٺڻ جو الزام لڳايو ٿا. اسان انهن سمورن الزامن جي کلي ڪري ترديد ڪريون ٿا. اهي سڀ الزام ڪوڙا آهن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي سلامتي چاهي ٿي ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جو مطلب پاڪستان کي ختم ڪرڻ آهي ، اسان 
پاڪستان کي بچائينداسين ۽ ظالمن کان پاڪستان کي نجات ڏيارينداسين. انهن فرمايو ته 1992 ۾ بريگيڊيئر آصف هارون ايم ڪيو ايم تي الزام لڳايو هو ته ايم ڪيو ايم جناح پور ٺاهڻ چاهي ٿي. جيڪڏهن خدانخواسته اسان جناح جو پاڪستان ٽوڙڻ چاهيون ها ته ڇا اسان ان جو نالو به جناح جي نالي تي ئي رکون ها؟ انهن فرمايو ته خدا جي واسطي اسان تي ڪوڙا الزام هڻڻ بند ڪريو. نفرتون ختم ڪريو، پنج ڪروڙ مهاجرن ۽ انهن جي نمائنده جماعت کي ختم ڪرڻ جي سوچ ختم ڪريو ۽ الله سائين کان ڊڄو. انهن فرمايو ته حڪومت پيمرا جي ذريعي منهنجن خطابن کي لائيو نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي پر عمران خان جنهن پنهنجي پارٽي جي هڪ اجلاس ۾ اهو چيو هو ته 20 هزار ماڻهو روڊن تي وٺي اچو ته انهن جرنلن جو مٽ وهي ايندو اهي ايترا ته بزدل هوندا آهن. انهن فرمايو ته اڄ رينجر هڪ ٻيو الزام به اسان تي لڳايو ته اسان وقاص شاھ جي قاتل کي پڪڙي ورتو آهي جڏهن ته انهن کي ڏيڍھ مهينو اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ وقاص شاھ کي ته رينجر جي اهلڪارن گولي هنئي هئي. پر رينجر ان جو الزام به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن آصف تي لڳائي ڇڏيو آهي. انهن مطالبو ڪيو ته ان واقعي جي تحقيقات جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن بڻايو وڃي. انهن فرمايو ته بي بي سي پنهنجي ڊاڪومينٽري ۾ پاڻ چيو آهي ته ان کي پاڪستان جي ذريعن ٻڌايو، چوڌري نثار قوم کي ٻڌائين ته اهي ذريعا ڪهڙا آهن. انهن چوڌري نثار کي چيو ته ڇا مان اهو سوال ڪرڻ جو حق رکان ٿو ته ڇا پاڪستان جي اٿارٽين ان ڊاڪومينٽري جي تياري ۾ مدد ڪئي ته جيئن ايم ڪيو ايم جي ڪردار کي خراب ڪري سگهجي. انهن فرمايو ته منهنجا ساٿي بي بي سي جي رپورٽ جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ وڪيلن سان قانوني مشورا به ڪري رهيا آهن. اسان ميدان ۾ اچي ڪري منھ ڏيڻ وارا آهيون. پٺي ڏيئي ڪري ڀڄڻ وارا نه آهيون. جناب الطاف حسين ڪارڪنن کي شاباش ۽ خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته اوهان اهڙن سخت حالتن ۾ به ثابت قدم آهيو ۽ تحريڪ سان جڙيل آهيو ان تي مان اوهان کي سلام پيش ڪريان ٿو. 

7/17/2024 11:49:59 AM