Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن آصف علي کي وقاص علي شاھ جي قتل ۾ ملوث ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن آصف علي کي وقاص علي شاھ جي قتل ۾ ملوث ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 6/25/2015
رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن آصف علي کي وقاص علي شاھ جي قتل ۾ ملوث ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 25 جون 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن آصف علي کي 11 مارچ تي رينجر جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ڪارڪن وقاص علي شاھ جي وحشياڻي قتل ۾ ملوث ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر ايم ڪيو ايم گلستان جوهر سيڪٽر جي ڪارڪن آصف علي کي 12 مئي تي گرفتار ڪيو هو. جنهن کان پوءِ انهن کي ايم ڪيو ايم جي ٻين ڪارڪنن وانگر غائب ڪري ڇڏيو ويو هو. پر اڄ  انهن جي گرفتاري ظاهر ڪري انهن کي سيد وقاص علي شاھ جي قتل ۾ ملوث ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ماڻهن جي وڏي تعداد شاهد آهي ته ڪهڙي طرح رينجر جي اهلڪارن 11 مارچ تي نائن زيرو تي گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن ۽ همدردن کي منتشر ڪرڻ جي لاءِ لٺيون وسائڻ سان گڏو گڏ فائرنگ به ڪئي هئي. ايم ڪيو ايم جي هر دلعزيز ڪارڪن وقاص علي شاھ رينجر جي فائرنگ سان شهيد ٿي ويا هئا. رينجر اهلڪارن جي فوٽيج ٽي وي چينلن تي نشر به ٿي هئي. پر رينجر ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن آصف علي کي ئي انهن جو قاتل قرار ڏنو آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر جو اهو دعوٰي وقاص علي شاھ جي قتل ۾ ملوث رينجر جي اهلڪارن کي بچائڻ جي ڪوشش آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن کي ملوث ڪرڻ جي بجاءِ وقاص علي شاھ جي قتل ۾ ملوث اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

7/17/2024 11:16:16 AM