Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جا دشمن تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي پويان آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم جا دشمن تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي پويان آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 6/25/2015
ايم ڪيو ايم جا دشمن تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي پويان آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
منهنجو فيصلو آهي ته مان ڪنهن به قيمت تي پنهنجي جدوجهد کان پوئتي نه هٽندس.
مان پيسي ۽ لٽ مار جي سياست نه ڪئي آهي جيڪڏهن مان پيسا ڪمائڻ وارو هجان ها ته اڄ ملڪ جو امير ترين ماڻهو هجان ها.
نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ تنظيمي شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛ 25 جون 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته غريبن ۽ وچولي طبقي جي واحد نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڀلي ظلم ۽ ڏاڍ جو ڪهڙو به هٿڪنڊو استعمال ڇو نه ڪيو وڃي مان ظالم ۽ باطل قوتن جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائيندس.اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ تنظيمي شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان هر دور ۾ امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو ۽ محروم ماڻهن جي حقن جي ڳالھ ڪئي آهي ان جي باوجود اسان کي تعصب جو نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن فرمايو ته ان طرح جي ئي نفرت ۽ تعصب ملڪ کي ٽوڙي ڇڏيو هو پر ان مان ڪو به سبق حاصل نه ڪيو ويو ۽ اڄ به اهو ئي تعصب ڪيو پيو وڃي. انهن فرمايو ته مان پيسي ۽ لٽ مار جي سياست نه ڪئي، جيڪڏهن مان پيسا ڪمائڻ وارو هجان ها ته اڄ مان ملڪ جو امير ترين ماڻهو هجان ها. مان ملڪ جو واحد رهنما آهيان جنهن جو نه ته پوري ملڪ ۾ ڪوئي ذاتي گهر آهي ۽ نه ئي پوري دنيا ۾ ڪٿي ڪا جائيداد آهي. انهن فرمايو ته منهنجن ابن ڏاڏن 
پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ منهنجي پوري جدوجهد پاڪستان جي مظبوطي ۽ مهاجرن سميت ملڪ جي سمورن غريبن ۽ محروم ماڻهن جي حقن جي لاءِ آهي. اسان جي جدوجهد کي ڪڇلڻ ۽ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ جي بدترين مخالفن هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم جي خلاف طرح طرح جا منفي پروفيگنڊا ڪيا. ٻئي طرف سرڪاري سرپرستي ۾ مهاجر آبادين تي حملا ڪري اسان جو قتل عام ڪيو ويو. سانحه قصبه علي ڳڙھ ، سانحه پڪا قلعه ۽ سانحه حيدرآباد جهڙا وڏا سانحه ڪرايا ويا. 19 جون 1992 تي ڌاڙيلن ۽ اغوا برائي تاوان جون وارداتون ڪرڻ وارن جي خلاف آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي آپريشن شروع ڪيو ويو. جيڪو حڪومتي تبديلين جي باوجود جاري رهيو. جنهن جي دوران هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو. مختلف مخالف عناصر جي طرفان مهاجرن کي گار گند ڏنو ويو ۽ ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ ۽ عوام کي ان کان بدظن ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي خلاف ميڊيا تي زهريلي مهم هلائي وئي ۽ طرح طرح جا الزام لڳايا ويا. جناب الطاف حسين فرمايو ته تمام تر رياستي ظلمن ۽ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي هلائي ويندڙ مهم جي باوجود عوام کي ايم ڪيو ايم کان پري نه ڪري سگهيو ويو.  هاڻي وري ميڊيا جي ڪجھ ماڻهن ۽ پاڪستان جي دولت لٽڻ وارن کي ساڻ ملائي ان ڳالھ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪنهن طريقي سان ايم ڪيو ايم کي نقصان پهچايو وڃي ته جيئن اها ٻيهر نه اڀري سگهي. جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن کي چيو ته ايم ڪيو ايم جا دشمن تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي پويان آهن. پر منهنجو فيصلو آهي ته مان ڪنهن به قيمت تي پنهنجي جدوجهد کان دستبردار نه ٿيندس. ڀلي منهنجي جان هلي وڃي پر مان ڪنهن به باطل قوت جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائيندس. انهن ذميوارن  کي چيو ته هي آزمائش جو وقت آهي اوهان چاهيو ته حالتن جي ڏاڍ جي ڪري منهنجو ساٿ ڇڏي ڏيو. ان تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ شعبن جي ميمبرن جناب الطاف حسين سان پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته ڀلي ڪجھ به ٿي وڃي اسان اوهان جو ساٿ نه ڇڏينداسين. شعبن جي ميمبرن جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته صرف ڪراچي ئي نه بلڪه پوري سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي سميت پوري ملڪ جا ڪارڪن امڙيون، ڀينريون، بزرگ ۽ نوجوان جن ۾ يوٿ جي اڪثريت به شامل آهي. انهن سڀني جا به اهي ئي جذبا آهن ته ڀلي ڪيترائي پروفيگنڊا ڪري وٺجن اسان تحريڪ جو ساٿ نه ڇڏينداسين. عورتن خصوصن ڀينرن جو به اهو ئي چوڻ آهي ته پٽ پنهنجي پيءُ سان بي وفائي ڪري نه ٿا سگهن. جناب الطاف حسين سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چيو ته اهي هرگز به مايوس نه ٿين ۽ پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن. 

7/17/2024 11:12:39 AM