Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪي ڪي ايف جي تحت نذير حسين ميڊيڪل ڪمپليڪس حيدرآباد ۾ ڊينٽل سرجري اينڊ بلڊ بينڪ جي توسيع جو باقائده افتتاح ڪيو ويو.


ڪي ڪي ايف جي تحت نذير حسين ميڊيڪل ڪمپليڪس حيدرآباد ۾ ڊينٽل سرجري اينڊ بلڊ بينڪ جي توسيع جو باقائده افتتاح ڪيو ويو.
 Posted on: 6/26/2015
ڪي ڪي ايف جي تحت نذير حسين ميڊيڪل ڪمپليڪس حيدرآباد ۾ ڊينٽل سرجري اينڊ بلڊ بينڪ جي توسيع جو باقائده افتتاح ڪيو ويو.
ايم ڪيو ايم خدمت برائي سياست تي يقين رکي ٿي. ڊاڪٽر نصرت.
الطاف حسين جي سياست کان پهرين خدمت خلق ڪميٽي جي تاريخ به آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
افتتاحي تقريب کي خطاب.
حيدرآباد؛ 26 جون 2015 
             ڪي ڪي ايف جي تحت نذير حسين ميڊيڪل ڪمپليڪس حيدرآباد ۾ ڊينٽل سرجري اينڊ بلڊ بينڪ جي توسيع جو باقائده افتتاح ڪيو ويو. ڪي ڪي ايف جي چيف ٽرسٽي و رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر نصرت ۽ ٻين ان جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جو انچارج ڊاڪٽر فاروق جميل ۽ سنڌ تنظيمي ڪميٽي جو انچارج عمر قريشي ۽ ٻيا به موجود هئا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نصرت چيو ته ايم ڪيو ايم خدمت برائي سياست تي يقين رکي ٿي. انهي فارمولي تي عمل پيرا  ٿي ڪري قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سياست ۾ قدم رکڻ کان پهرين خدمت خلق ڪميٽي بڻائي هئي. جنهن عوام جي تعاون سان  اڄ  ڪي ڪي ايف جو روپ ڌاري ورتو آهي. جيڪو نه صرف پاڪستان بلڪه سڄي دنيا ۾ ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪري رهيو آهي. انهن چيو ته قدرتي آفت هجي، ڏڪار هجي، طوفاني برساتون هجن يا 2005 جو قيامت خيز زلزلو هجي ڪي 
ڪي ايف جي خدمت سڀني جي سامهون آهي. انهن چيو ته ان کان پهرين به اسان تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا پر اسان ڪڏهن به الزامن جي پرواھ نه ڪئي ۽ انشاء الله تعالٰي هن ڀيري به ڪوڙا الزام لڳائڻ وارن جو منھ ڪارو ٿيندو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي خطاب ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين سياست ۾ قدم رکڻ کان پهرين ڪي ڪي ايف جي بنياد رکي هئي . انهن چيو ته پاڪستان تي 67 سالن کان اهي ماڻهو قابض آهن جن هن مهل تائين ڪڏهن به غريبن جي خدمت نه ڪئي آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين غريب عوام جا مسيحا آهن ۽ اهي ئي قوم کي منزل تي پهچائيندا. انهن چيو ته ڪي ڪي ايف ليبارٽري ۾ 70 سيڪڙو ماڻهو ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن نه هوندا آهن پر پوءِ به اسان انهن جي خدمت ڪندا آهيون ڇو ته اسان کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو اهو درس آهي. انهن چيو ته اسان کي ڪڏهن به ڪنهن ملڪ جي امداد جي گهرج نه پئي آهي اسان جي تحريڪ عوام جي پيسي سان هلي ٿي ۽ آئنده به هلندي رهندي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ قيامت خيز گرمي تي سڀني کان پهرين جناب الطاف حسين آواز اٿاري ۽ انهن جي ئي هدايت تي سڄي شهر ۾ هيٽ اسٽروڪ سينٽر قائم ڪيا ويا. انهن چيو  ته سنڌ جي حڪمران جماعت جا اهم ماڻهو ملڪ کان ٻاهر هليا ويا آهن، هاڻي ڪيڏانهن ويا اهي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا. انهن چيو ته اڄ اسان کي عوام جي خدمت کان روڪڻ جي لاءِ اسان کي زڪوٰت ۽ فطرو وصول ڪرڻ کان به روڪيو پيو وڃي جڏهن ته ٻين پارٽين کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو پورو حق ڏنو ويو آهي. تقريب کي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي به خطاب ڪيو.

7/17/2024 11:18:59 AM