Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عالمي ميڊيا جي غلط رپورٽ کي بنياد بڻائي ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


عالمي ميڊيا جي غلط رپورٽ کي بنياد بڻائي ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 6/26/2015
عالمي ميڊيا جي غلط رپورٽ کي بنياد بڻائي ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 26 جون 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته غيرملڪي ميڊيا جي هڪ غلط رپورٽ کي جواز بڻائي ڪري پنهنجي ئي ملڪ جي محب وطن جماعت جي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ٿيڻ هڪ دردناڪ عمل آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪستان بڻائڻ وارن جي اولادن جي نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم جي خلاف نفرت ۽ تعصب جي بنياد تي ان جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي . رابطا ڪميٽي چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ منظور ڪئي ويندڙ قرارداد ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت مقدمو هلائڻ جي ڳالھ ڪئي وئي پر اسان جو هتي اهو سوال آهي ته اڄ تائين آرٽيڪل 6 جي تحت انهن جي خلاف ڪاروائي ڇو نه ڪئي وئي جن پاڪستان کي ٽوڙي ڇڏيو. رابطا ڪميٽي چيو ته اسان کي ان ڳالھ جي سزا ڏني پئي وڃي ته ايم ڪيو ايم غريب ۽ وچولي طبقي جي نمائنده جماعت آهي ۽ ملڪ جي مظلوم قومن جي نمائندگي ڪري رهي آهي پر جڏهن ته ملڪ ۾ جاگيرداراڻه ، وڏيراڻه ۽ سرداراڻه نظام مسلط رکڻ وارا ۽ عوام کي غلام بڻائڻ وارا اڄ به آئين ۽ قانون جي گرفت کان محفوظ آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته نفرت ۽ تعصب جو اهو عمل ملڪ جي لاءِ ڪنهن به طرح مفاد ۾ نه آهي بلڪه اهو ملڪ ۾ وڌيڪ نفرتن کي جنم ڏيڻ جو سبب بڻجندو. 

7/17/2024 11:16:16 AM