Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي خلاف مسلسل جاري رهندڙ ميڊيا ٽرائل هڪ وڏي سازش جو حصو آهي. واسع جليل.


ايم ڪيو ايم جي خلاف مسلسل جاري رهندڙ ميڊيا ٽرائل هڪ وڏي سازش جو حصو آهي. واسع جليل.
 Posted on: 6/27/2015
ايم ڪيو ايم جي خلاف مسلسل جاري رهندڙ ميڊيا ٽرائل هڪ وڏي سازش جو حصو آهي. واسع جليل.
يوٿ ونگ جا ڪارڪن ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين کي هر فورم تي اٿارين.ڊاڪٽر سليم دانش.
لنڊن ۾ يوٿ ونگ جي دعوت افطار کي خطاب.
لنڊن؛ 27 جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر واسع جليل چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي خلاف مسلسل جاري رهندڙ ميڊيا ٽرائل هڪ وڏي سازش جو حصو آهي. جنهن جو مقصد ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ ۽ عوام کي ايم ڪيو ايم کان بدظن ڪرڻ آهي. انهن چيو ته تمام تر سازشي هٿڪنڊن جي باوجود عوام جي دلين مان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي محبت کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ڪيتريون ئي سازشون ڇو نه ڪري وٺجن پر ماضي وانگر هن ڀيري به ايم ڪيو ايم ان ڏکئي وقت مان نڪري ايندي.اها ڳالھ انهن لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم وٿ ونگ جي دعوت افطار کي خطاب ڪندي ڪئي. واسع جليل چيو ته ڪراچي کي ڏوهن کان پاڪ ڪرڻ جي نالي تي شروع ڪيل آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو ۽  هزارين بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن تي ڪوڙا ۽ من گهڙت مقدما قائم ڪيا ويا آهن. انهن وڌيڪ چيو ته اڄ به ايم ڪيو ايم جا درجنين ڪارڪن لاپتا آهن جن جو ڪو به ڏس پتو نه آهي ته اهي ڪٿي آهن. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ۽ ايم ڪيو ايم يوڪي جي انچارج ڊاڪٽر سليم دانش چيو ته موجوده حالتن ۾ جتي چئني طرفن کان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن ڪيون پيون وڃن اتي يوٿ ونگ جي تحريڪي ذميوارين ۾ به اضافو ٿي وڃي ٿو. ان جي ڪري يوٿ ونگ يورپ سميت پوري دنيا ۾ هر فورم تي ان ظلم جي خلاف آواز اٿاري. 

7/17/2024 11:13:16 AM