Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙيا پيا وڃن. رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.


ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙيا پيا وڃن. رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
 Posted on: 6/14/2015
ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙيا پيا وڃن. رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
ايم ڪيو ايم يوٿ ونگ جي زير اهتمام اي پي ايم ايس او جي 37 هين يوم تاسيس جي اجتماع کي خطاب.
لنڊن؛ 14 جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙيا پيا وڃن پر اسان جو عزم آهي ته اسان سمورن ظلمن جي باوجود پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم يوٿ ونگ جي زير اهتمام اي پي ايم ايس او جي 37 هين يوم تاسيس جي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪئي. انهن چيو ته هن وقت ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ همدرد جن حالتن مان گذري رهيا آهن اسان ان کان اڳ به اهڙين حالتن مان گذري چڪا آهيون.، انهن چيو ته پاڪستان ۾ سياستدانن جي خريد و فروخت ڪئي پئي وڃي پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪڏهن به پنهنجي ضمير ۽ پنهنجي مشن و مقصدجو سودو نه ڪيو آهي. اها ئي وجه آهي ته پاڪستان تي حڪمراني ڪرڻ واريون اصل قوتون ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ ۾ فرسوده نظام جي تبديلي ۽ ملڪ تي غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني جو جيڪو خواب ڏٺو هو ظالم قوتون ان کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ چاهين ٿيون پر الله سائين جي ڪرم سان جناب الطاف حسين جو اهو خواب ضرور پورو ٿيندو. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد انور خطاب ڪندي چيو ته محروم ۽ مظلوم بنگالي عوام کي انهن جا حق نه ڏنا ويا بلڪه انهن کي رياستي طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ٽٽي ويو. پر پاڪستان جي اختيار رکندڙ ڌرين ان مان ڪوئي به سبق نه سکيو ۽ اڄ به بلوچستان ۾ اهو ئي ڪجھ ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ مهاجرن کي انهن جا حق ڏيڻ جي بجاءِ طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. انهن چيو ته وقت جو تقاضا آهي ته ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي دل سان تسليم ڪيو وڃي ۽ مهاجرن جي وجود کي تسليم ڪيو وڃي.انهن کي انهن جا سمورا حق ڏنا وڃن. بلوچن، سنڌين، پختونن، سرائيڪن ۽ هزاري وال سميت سمورين ننڍين قومن کي انهن جا حق ڏنا وڃن. ائين ڪرڻ سان ئي پاڪستان مضبوط ٿيندو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر سليم دانش خطاب ڪندي چيو ته سڀئي ايم ڪيو ايم دشمن عناصر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلفسي کان ڊڄن ٿا. انهي جي ڪري انهن جناب الطاف حسين جي خطاب کي ٽي وي چينلن تي ڏيکارڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اجتماع کي يوٿ ونگ جي انچارج حبا دانش۽ يوٿ ونگ جي ميمبرن به خطاب  ڪيو.

6/30/2024 7:35:15 AM