Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان ۾ صحيح معنٰي ۾ جمهوريت انهي وقت ايندي جڏهن عوام آرمي چيف جي بجاءِ چونڊيل وزير اعظم جو نالو ڄاڻيندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پاڪستان ۾ صحيح معنٰي ۾ جمهوريت انهي وقت ايندي جڏهن عوام آرمي چيف جي بجاءِ چونڊيل وزير اعظم جو نالو ڄاڻيندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 6/14/2015
پاڪستان ۾ صحيح معنٰي ۾ جمهوريت انهي وقت ايندي جڏهن عوام آرمي چيف جي بجاءِ چونڊيل وزير اعظم جو نالو ڄاڻيندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم يوٿ ونگ جي زير اهتمام اي پي ايم ايس او جي 37 هين يوم تاسيس جي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 14 جون 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان 98 سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام جو ملڪ آهي. جنهن تي ٻه سيڪڙي مراعات يافته طبقي قبضو ڪري ورتو آهي. ايم ڪيو ايم انشاء الله تعالٰي سڄي ملڪ جي عوام سان گڏجي ڪري ٻه سيڪڙي مراعات يافته طبقي جي حڪمراني کان پاڪستان کي آزاد ڪرائيندي. انهن خيالن جو اظهار انهن لنڊن جي علائقي ايجويئر جي سنگم هال ۾ ايم ڪيو ايم يوٿ ونگ جي زير اهتمام اي پي ايم ايس او جي 37 هين يوم تاسيس جي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو.تقريب ۾ رابطا ڪميٽي، برطانيه جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ، شعبه خواتين، يوٿ ونگ جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ برطانيه جي مختلف شهرن سان تعلق رکڻ وارن همدرد پاڪستانين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين تقريب جي شرڪاء کي اي پي ايم ايس او جي 37 هين يوم تاسيس جي دلي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم برطانيه يوٿ ونگ هڪ وڏو ۽ انقلابي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. مون کي وڏي اميد آهي ته جيڪڏهن خدانخواسته پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪوئي وڏو قدم کنيو ويو ته ايم ڪيو ايم برطانيه يوٿ ونگ جا ڪارڪنَ اڳتي وڌي ڪري نه صرف حق پرستانه فڪر و فلسفي کي ڦيلائيندا بلڪه پاڪستان جي مظلوم عوام جي حقن جي جدوجهد به جاري رکندا. ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ۾ برطانيه ۾ مقيم نوجوان پاڪستاني شاگردن  ۽ شاگردياڻين هڪ جرتمندانه ڪردار ادا ڪيو آهي، ان سان مون کي يقين ٿي ويو آهي ته الله تعالٰي کان سواءِ دنيا جي ڪائي به طاقت ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿي سگهي ۽ انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم سان جيڪو ٽڪرائيندو اهو ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي ويندو. جناب الطاف حسين تقريب جي شرڪاء کان پچيو ته ڇا اوهان برطانيه جي آرمي چيف جو نالو ٻڌائي سگهو ٿا؟ جنهن تي شرڪاء چيو ته جي نه. جناب الطاف حسين ٻيهر پچيو ته ڇا اوهان کي پاڪستان جي آرمي چيف جو نالو ياد آهي؟جنهن تي شرڪاء چيو ته جي ها جنرل راحيل شريف. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان ۾ صحيح معنٰي ۾ جمهوريت انهي وقت ايندي جڏهن پاڪستان جو عوام آرمي چيف جو نه بلڪه چونڊيل وزير اعظم جو نالو ڄاڻيندا. انهن فرمايو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي سياسي ۽ فلاحي سرگرمين تي پابندي لڳائي پئي وڃي ۽ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان منهنجي سڌي ريت خطاب تي به پابندي آهي. طالبان دهشت گرد جن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري معصوم ٻارن کي رت ۾ وينجهاريو هو انهن جي لاءِ ته نغمو تيار ڪيو ويو ته “ بڙا دشمن بنا پهرتا هي جو بچون سي ڊرتا هي” پر مان ايم ڪيو ايم جي دشمنن جي لاءِ چوان ٿو ته وڏا رعب وارا بڻجي پهرن ٿا پر الطاف حسين جي تقرير کان ڊڄن ٿا. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪيو پيو وڃي. رينجر ايم ڪيو ايم جا سمورا سيڪٽر ۽ يونٽ آفيسون بند ڪرائي ڇڏيون آهن ته ائين ڪرڻ  سان ايم ڪيو ايم ختم ٿي ويندي. پر مان انهن کي چوان ٿو ته اڃان ايم ڪيو ايم برطانيه يونٽ زنده آهي ۽ ان جي پويان نه ختم ٿيندڙ ايم ڪيو ايم يوٿ ونگ آهي. انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جو ڪم محاذ تي ملڪ دشمنن سان وڙهڻ آهي، زڪوٰت، فطري ۽ قرباني جون کلون جمع ڪرڻ کان روڪڻ نه. انهن فرمايو ته وزير اعظم ميان نواز گذريل ڏينهن گورنر سنڌ کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ڪراچي جا واپاري چئي رهيا آهن ته ڪراچي ۾ مک به مري وڃي ته هڙتال ٿي وڃي ٿي. انهن کي توبه ڪرڻ گهرجي ڇو ته ميان نواز شريف ۽ 
ميان شهباز شريف به صاحب اولاد آهن. جيڪڏهن خدانخواسته انهن کي پنهنجن جوان ٻارن جو صدمو برداشت ڪرڻو پوي ته پوءِ انهن کي خبر پوندي ته اولاد جو ڏک ڇا هوندو آهي. انهن ايم ڪيو ايم جي همدرد خواتين کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪجھ اينڪرپرسنن ۽ تجزيه نگارن جي زهريلي ريمارڪس جو هرگز به نوٽس نه وٺو ڇو ته اهي عناصر پنهنجو ضمير وڪڻي ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف زهر اڳرين ٿا. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي 98 سيڪڙو غريب پختونن، سنڌين، بلوچن، مهاجرن، ڪشميرين، سرائيڪن، هزاري وال ۽ گلگتي بلتستانين جي حقن جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي.ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ جي هارين ، ڪڙمين ۽ مزدورن جي دوست آهي پر سرمائيدارن ۽ چورن ڀلي اهي مهاجر هجن يا ٻئي ڪنهن به قوم سان تعلق رکندا هجن ايم ڪيو ايم انهن مفاد پرستن جي هرگز به دوست نه آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان 98 سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام جو ملڪ آهي. جنهن تي ٻه سيڪڙي مراعات يافته طبقي قبضو ڪري رکيو آهي. ايم ڪيو ايم انشاء الله تعالٰي سڄي ملڪ جي مظلوم عوام سان گڏجي ڪري ٻه سيڪڙي مراعات يافته طبقي جي حڪمراني کان پاڪستان کي آزاد ڪرائيندي. انهن ايم ڪيو ايم جي سمورن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي مغفرت ۽ انهن جي درجات جي بلندي جي لاءِ دعا به ڪئي. جناب الطاف حسين اي پي ايم ايس او جي يوم تاسيس جي تقريب جا منظم ۽ خوبصورت انتظام ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي، ايم ڪيو ايم برطانيه يونٽ خصوصن ايم ڪيو ايم برطانيه يوٿ ونگ جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. 

6/30/2024 7:34:35 AM