Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نور الدين ڀاواني( منا ڀائي) ڪڏهن به همت نه هارڻ وارا، ٻين جي مدد ڪرڻ وارا ۽ زنده دل انسان هئا.حيدرعباس رضوي.


نور الدين ڀاواني( منا ڀائي) ڪڏهن به همت نه هارڻ وارا، ٻين جي مدد ڪرڻ وارا ۽ زنده دل انسان هئا.حيدرعباس رضوي.
 Posted on: 6/14/2015
نور الدين ڀاواني( منا ڀائي) ڪڏهن به همت نه هارڻ وارا، ٻين جي مدد ڪرڻ وارا ۽ زنده دل انسان هئا.حيدرعباس رضوي.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ منا ڀائي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب. 
ڪراچي؛ 14 جون 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدر عباس رضوي چيو آهي ته نور الدين ڀاواني( مناڀائي) زنده دل ۽ ڪڏهن به همت نه هارڻ وارا انسان هئا. انهن خيالن جو اظهار انهن پي ڊبليو ڊي ونگ جي مرحوم ميمبر مناڀائي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو، اهو تعزيتي ميڙاڪو خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سي اي سي ميمبر احمد سليم صديقي ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. حيدر عباس رضوي چيو ته مناڀائي جهڙا زنده دل انسان جيڪڏهن ڪجھ ٻيا به پيدا ٿي وڃن ته اهي هر سطح تي انقلاب آڻي سگهن ٿا. انهن چيو ته پي ڊبليو ڊي ونگ کان هميشه اسان کي ڪجھ سکڻ جي لاءِ مليو آهي ڇو ته اهي معذور هجڻ جي باوجود همت ۽ جرت جي هڪ واضع مثال آهن.ان موقعي تي احمد سليم صديقي چيو ته جناب الطاف حسين جي طرفان معذور ماڻهن جي لاءِ جڏهن ايمبولينس جو تحفو ڏنو ويو ته مناڀائي وڏا خوش ۽ پرجوش هئا. اهڙا ماڻهو سالن کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن.  ان موقعي تي پي ڊبليو ڊي ونگ جي انچارج عدنان سرور، شعبه خواتين جي انچارج ڪشور زهرٰي، شميرا ڀاواني ۽ شهنيلا ڀاواني به خطاب ڪيو.

7/17/2024 11:54:05 AM