Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دين اسلام ۽ اقوام متحده جو چارٽر دنيا جي هر انسان کي ظالم قوتن کان پنهنجي دفاع جو حق ڏيئي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


دين اسلام ۽ اقوام متحده جو چارٽر دنيا جي هر انسان کي ظالم قوتن کان پنهنجي دفاع جو حق ڏيئي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 6/15/2015
دين اسلام ۽ اقوام متحده جو چارٽر دنيا جي هر انسان کي ظالم قوتن کان پنهنجي دفاع جو حق ڏيئي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
دين اسلام سلامتي جو مذهب آهي ۽ مجبوري جي حالت ۾ جنگ ڪرڻ جي اجازت به ڏيئي ٿو.
طاقتور ڌر حملو ڪري ته ڪمزور ڌر کي پنهنجي حفاظت ۽  دفاع ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي.
ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ رابطا ڪميٽي، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ شعبن جي ذميوارن کي مختلف موضوعن تي جناب الطاف حسين جي طرفان ليڪچر.
لنڊن؛ 15 جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته دين اسلام ۽ اقوام متحده جو چارٽر دنيا جي هر انسان کي ظالم قوتن کان پنهنجي دفاع جو حق ڏيئي ٿو. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو آباد ۽ اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ مختلف شعبن جي ميمبرن کي مختلف موضوعن تي پنهنجي هڪ ڊگهي ليڪچر ۾ ڪيو. ان موقعي تي شرڪاء جناب الطاف حسين کان مختلف سوال ڪيا جن جا جناب الطاف حسين تفصيلي جواب به ڏنا. دين اسلام ۽ جنگ جي حوالي سان پچيل هڪ سوال جي جواب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته دين اسلام سلامتي  جو مذهب آهي جيڪو صبر ، برداشت، محبت ، درگذر ۽ افهام و تفهيم کان ڪم وٺڻ جو درس ڏيئي ٿو ۽ مجبوري جي حالت ۾ جنگ ڪرڻ جي اجازت به ڏيئي ٿو. پر دين اسلام ۾ جنگ ڪرڻ جي اها اجازت سخت پابندين سان گڏ ڏني وئي آهي. مثال جي طور جنگ جي دوران عورتن، بزرگن، معصوم ٻارن ۽ بيمارن تي هرگز به هٿ نه کنيو وڃي ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچائي وڃي. بيٺل فصل ۽ وڻڻ کي نه وڍيو وڃي ۽ ٻين مذهبن جي عبادتگاهن کي نقصان نه پهچايو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم پهرين ٽن جنگين مان ڪنهن به هڪ جنگ جو آغاز پاڻ نه ڪيو هو بلڪه اهي ٽئي جنگون اوهان صلي الله عليه وسلم ۽ صحابه ڪرام تي حملو ڪري زبردستي مسلط ڪيون ويون هيون ۽ مجبوري جي حالت ۾ اوهان صلي الله عليه وسلم صحابه ڪرام سان گڏجي هر جنگ جو همت سان سامنو ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ان ڳالھ مان اهو اشارو ۽ اجازت ملي ٿي ته ڪائي به طاقتور ڌر ڪنهن ڪمزور ڌر تي بار بار حملو ڪري ته ڪمزور ڌر کي پنهنجي حفاظت ۽ دفاع جو پورو پورو حق حاصل آهي ۽ ان ڪمزور ڌر کي حالتن ، واقعن ۽ سببن جي مطابق ٻين مددگارن سان ميثاق يا معاهدو ڪرڻ جو رستو به نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ڏيکاريو آهي جيڪو ميثاق مدينه جي نالي سان مشهور آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته دنيا جي هر انسان کي اهو حق دين اسلام ۽ اقوام متحده جو چارٽر به ڏيئي ٿو. 

7/17/2024 11:07:32 AM