ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم جي والد ممتاز قانون دان محمد نسيم ايڊووڪيٽ جي وفات تي دلي تعزيت جو اظهار.
لنڊن؛ 15 جون 2015
متحده قوٽ جي وفمي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سينيٽر بيرسٽر ڊاڪٽر فروغ نسيم جي والد ممتاز قانون دان محمد نسيم ايڊووڪيات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جناب الطاف حسين اڄ ڪراچي، اسلام آباد ۽ لنڊن ۾ رابطا ڪميٽي،سمورن شعبن، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي ميمبرن جي هڪ ئي وقت گڏيل اجلاس ۾ فروغ نسيم جي والد محمد نسيم ايڊووڪيٽ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جناب الطاف حسين مرحوم جي روح جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني ڪرائي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي محمد نسيم ايڊوڪيٽ مرحوم جي مغفرت فرمائي، انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ بيرسٽر فروغ نسيم سميت سمورن سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. اجلاس ۾ بيرسٽر فروغ نسيم جي والده محترمه جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي وئي.