Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام سوڀراج اسپتال ۾ بلڊ بينڪ ۽ ليبارٽري جو افتتاح ڪيو ويو.


ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام سوڀراج اسپتال ۾ بلڊ بينڪ ۽ ليبارٽري جو افتتاح ڪيو ويو.
 Posted on: 6/15/2015
ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام سوڀراج اسپتال ۾ بلڊ بينڪ ۽ ليبارٽري جو افتتاح ڪيو ويو.
قائد اعظم ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو نظريو هڪ ئي آهي. ڊاڪٽر فاورق ستار.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جي سياست ۾ انساني خدمت جي عمل کي متعارف ڪرايو آهي. ڊاڪٽر نصرت.
افتتاحي تقريب کي خطاب.
ڪراچي؛ 15 جون 2015 
             ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام سوڀراج اسپتال ۾ بلڊ بينڪ ۽ ليبارٽري جو افتتاح ڪيو ويو. بلڊ بينڪ ۽ ليبارٽري ۾ مارڪيٽ کان 50 سيڪڙو گهٽ اگهن تي مستحق مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويندا. بلڊ بينڪ ۽ ليبارٽري جو افتتاح رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ چيف ٽرسٽي ڊاڪٽر نصرت ڪيو. ان موقعي تي سي اي سي ميمبر امين الحق، ڊاڪٽر صغير احمد ۽  ٻين کان علاوه عوام جي وڏي تعداد موجود هئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار خطاب ڪندي چيو ته قائد اعظم ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو نظريو هڪ ئي آهي. انهن چيو ته ملڪ جا حڪمران ناڪام ٿي چڪا آهن، عوام کي فقير بڻايو پيو وڃي ۽ بجيٽ عوام دوست نه بلڪه عوام دشمن آهي. انهن وڌيڪ چيو ته سوڀراج اسپتال ۾ بلڊ بينڪ ۽ ليبارٽري قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان غريب عوام جي لاءِ انمول تحفا آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر نصرت خطاب ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جي سياست ۾ انساني خدمت جي عمل کي متعارف ڪرايو آهي جنهن جي واضع مثال ڪي ڪي ايف آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين سياست کان اڳ خدمت خلق ڪميٽي جي نالي سان هڪ فلاحي ادارو بڻايو هو ۽ اها ئي انساني خدمت جي هڪ وڏي مثال آهي.ان موقعي تي سي اي سي ميمبر امين الحق به خطاب ڪيو.

7/17/2024 11:14:30 AM