اڄ صبح 13 جون تي ٿيندڙجنرل ورڪرز اجلاس جي سي ڊيز جناب الطاف حسين جي هدايت تي اهم شخصيتن کي موڪليون ويون آهن. ترجمان ايم ڪيو ايم.
ڪراچي؛ 13 جون 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي نائن زيرو تي اڄ صبح 13 جون جي صبح ٿيندڙ هنگامي جنرل ورڪرز اجلاس جي خطاب جي سي ڊيز اهم شخصيتن کي ارسال ڪيون ويون آهن. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ ملڪ جي حڪمرانن ، ليڊرن ۽ فوجي عهديدارن کي مخاطب ڪري اهم ڳالهيون ڪيون آهن. جناب الطاف حسين جي خطاب جي سي ڊيز جن اهم شخصيتن کي موڪليون ويون آهن. انهن ۾ وزير اعظم پاڪستان ميان محمد نواز شريف صاحب، سابق صدر پاڪستان آصف علي زرداري صاحب، ڊائريڪٽر جنرل رينجر سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر ۽ معروف واپاري ايس ايم منير صاحب شامل آهن.