Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ڏانهن هڪ ڀيرو ٻيهر دوستي جو هٿ وڌائي ڇڏيو.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ڏانهن هڪ ڀيرو ٻيهر دوستي جو هٿ وڌائي ڇڏيو.
 Posted on: 6/13/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ڏانهن هڪ ڀيرو ٻيهر دوستي جو هٿ وڌائي ڇڏيو.
نواز شريف صاحب ۽ آصف علي زرداري صاحب اچو ته اسان جمهوريت جي لاءِ پاڻ ۾ دوستي ڪريون ۽ پاڪستان کان جمهوريت جي خاتمي جون سازشون ڪرڻ وارن جي خلاف متحد ٿي وڃون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جنرل راحيل شريف بنگله ديش جي وزير اعظم حسينه واجد سان ڳالھائين ۽ محصور ٿيل پاڪستانين کي واپس آڻين.
نائن زيرو تي اڄ صبح ڪارڪنن جي هنگامي اجلاس کي خطاب.
لنڊن؛ 13 جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ڏانهن هڪ ڀيرو ٻيهر دوستي جو هٿ وڌايو آهي ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ پي پي جي سربراھ آصف علي زرداري کي پيغام ڏيندي فرمايو آهي ته اچو ته اسان جمهوريت جي لاءِ پاڻ ۾ دوستي ڪريون ۽ پاڪستان کان جمهوريت جي خاتمي جون سازشون ڪرڻ وارن جي خلاف متحد ٿي وڃون. اها ڳالھ انهن ڇنڇر جي صبح نائن زيرو تي ڪارڪنن جي هڪ هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمائي. انهن فرمايو ته مان ڪالھ به پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ۽ اڄ وري به چوان ٿو ته نواز شريف اچو، اوهان زرداري صاحب ۽ اسان جمهوريت جي خاطر هٿ ملايون. جيڪڏهن اسان ملي وڃون ته پوءِ ڏسون ته ڪير ملڪ کان جمهوريت جو بسترو گول ڪري ٿو. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان ڪهڙو پاڪستان چاهيو ٿا؟ اوهان جمهوري پاڪستان چاهيو ٿا يا فوجي پاڪستان چاهيو ٿا؟ جيڪڏهن اسان متحد ٿي وڃون ته ڪوئي به جمهوريت جو خاتمو نه ٿو ڪري سگهي. انهن ايم ڪيو ايم ۽ ٻين سياسي جماعتن جي رهنمائن، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن کي چيو ته اهي ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ هڪ ٻئي جي خلاف نه ڳالهائين ۽ هڪ ٻئي تي الزام نه هڻڻ. جناب الطاف حسين فرمايو ته ان ڳالھ جو خطرو آهي ته ويجهڙائي ۾ اوهان سان منهنجو دعا سلام جو رابطو به ڪٽيو وڃي. ان کان پوءِ ڪارڪن َ آزاد هوندا. اهي چاهين ته فوج، رينجر ۽ پوليس وارن جي هٿان مار کائڻ جي بجاءِ خاموشي سان پنهنجي ڪم سان ڪم رکن. ڪنهن کي به ان جي غلطي تي ڪجھ به نه چون ۽ ڪوئي اوهان سان زيادتي ڪري ته ڌانهن ڪرڻ جي بجاءِ خاموش تماشائي بڻجي ڪري ان زيادتي کي برداشت ڪن. انهن فرمايو ته گذريل ڏينهن حق پرستي جي تحريڪ کي 37 سال ٿي ويا. 37 هن سالن ۾ انسان پنهنجي هر خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر ڪجھ ماڻهو مون وانگر چريا ۽ ديوانا به هوندا آهن اهي پنهنجي مسقتبل جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ ٻين جي ڀلائي جي لاءِ 37 سال گذاري ڇڏين ٿا. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ 18 کان 22 سول ۽ فوجي ايجنسيون موجود آهن. سويلين ايجنسيون حڪومت جي ماتحت هونديون آهن، جن ۾ آئي بي ، سي آئي اي، سي آئي ڊي، 555، ڪرائم برانچ وغيره اهڙي طرح فوجي ايجنسيون به هونديون آهن جن ۾ سڀني کان وڌيڪ طاقتور ايجنسي انٽر سروسز انٽيليجنس( آئي ايس آئي) آهي جيڪا پنهنجن سٺن ڪارنامن جي ڪري سڄي دنيا جي اخبارن ۽ رسالن ۾ مشهور آهي. انهن فرمايو ته مون وٽ سوين واقعن جون فائيلون موجود آهن. اسپين، آفريڪا، نائجيريا،الجزائر، چيچنيا، روس ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ دهشت گردي جا واقعا هجن، نيو يارڪ آمريڪا ۾ نائن اليون جو واقعو هجي يا برطانيه ۾ سيون سيون جو واقعو هجي، دهشت گردي جي انهن واقعن جو آخري ڇيڙو ۽ دهشت گردن جي تربيت جو تعلق پاڪستان ۾ ئي نظر ايندو. اهڙي طرح هڪ ايجنسي ڊي جي رينجر ۽ انهن جي ساٿين پاڻ پيدا ڪري ورتي آهي. صفورا چورنگي ۾ اسماعيلين جي بس تي حملي جو الزام گهمائي ڦرائي ايم ڪيو ايم تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي. پر الله سائين جي ڪرم سان ان واقعي ۾ ملوث جميعت سان تعلق رکڻ وارن اصل دهشت گردن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. عالمي دهشت گرد خالد عمر شيخ جنهن غير ملڪي صحافي ڊينيئل پرل کي به قتل ڪيو، اهو جماعت اسلامي جي رهنما جي گهر مان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ سريلنڪن ٽيم تي حملي ڪرڻ وارن دهشت گردن جو تعلق به جماعت اسلامي سان نڪتو پر ڊي جي رينجر کي جماعت اسلامي جا دهشت گرد نظر نه ٿا اچن. انهن شرڪاء کان سوال ڪيو ته ڇا دهشت گردي جي واقعن ۾ ملوث جماعت اسلامي جي دهشت گردن جي خلاف اڄ تائين ڪائي ڪاروائي ٿي؟جنهن تي شرڪاء هڪ زبان ٿي ڪري چيو ته هرگز  به نه . جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪوڙن الزامن جي بنياد تي منهنجي تقرير سڌي ريت نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي. پر جماعت اسلامي جي سابق امير منور حسن کلي عام چيو هو ته جيڪي فوجي اهلڪار طالبان سان وڙهندي مئا آهن. انهن کي شهيد نه چيو وڃي. اهي شهيد نه بلڪه هلاڪ ٿيا آهن. جڏهن ته پاڪ فوج سان وڙهڻ وارا طالبان شهيد آهن. پر پاڪ فوج جي خلاف توهين وارا ريمارڪس ڏيڻ جي باوجود جماعت اسلامي وارن جي تقريرن تي پابندي نه لڳائي وئي. جناب الطاف حسين دريافت ڪيو ته دنيا جو مطلوب ترين شخص ڪير رهيو آهي؟ ان تي شرڪاء چيو ته اسامه بن لادن. جناب الطاف حسين فرمايو ته رينجر حڪام جي طرفان اهو الزام لڳايو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي ڇاپي جي دوران ناجائز هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ نيٽو جا هٿيار به شامل آهن. جيڪي رينجر جي حڪام فوج ۾ رهندي به نه ڏٺا.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ان الزام جي سختي سان ترديد ڪريان ٿو ۽ رينجر جي حڪام کان سوال ڪريان ٿو ته هٿيار ٺاهڻ جون فيڪٽريون ڪراچي ۾ قائم نه آهن ۽ خيبر کان ڪراچي تائين قائم سوين چوڪين تي پيرا ملٽري فورسز به هونديون آهن ان جي ڪري رينجر حڪام بي بنياد الزام لڳائڻ جي بجاءِ قوم کي ٻڌائين ته سوين چوڪين جي باوجود غيرقانوني هٿيار ڪراچي تائين ڪيئن پهچن ٿا؟ آخر انهن هزارين چوڪين تي موجود چوڪيدار ڇا ڪري رهيا آهن.پهرين انهن چوڪين تي مقرر چوڪيدارن کي ٽنگيو، پوءِ ڪراچي ۾ هٿيار تلاش ڪريو. انهن فرمايو ته 30 مئي تي ڪي پي ڪي ۾ مڪاني اليڪشن ٿيا جنهن جي دوران اتي پي ٽي آئي ، ن ليگ جي ڪارڪنن ۽ ٻين ماڻهن ۾ خوني جهيڙا ٿيا. جنهن جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو هلاڪ ۽ 80 زخمي ٿي پيا پر اهي هٿيار ڪنهن کي به نظر نه آيا. جناب الطاف حسين فرمايو ته گذريل 15 ڏينهن کان ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ تبصرو ڪيو پيو وڃي ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي اقرار ڪيو آهي ته ڀارتي وزير اعظم مڪتي باهني جي مدد ڪئي هئي. انهي جي ڪري بنگله ديش بڻجي ويو ۽ اسان جا 93 هزارفوجي هٿيار اڇلائي ڪري جنگي قيدي بڻجي ويا. انهن وڌيڪ فرمايو ته اها ڳالھ فخريه انداز ۾ عوام کي ٻڌائڻ جي بجاءِ اقوام متحده ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪرڻ گهرجي ها. سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ان مسئلي کي اٿاريو وڃي ها. پر ايئن نه ڪيو ويو. انهن فرمايو ته ننڍپڻ کان ئي اهو ٻڌندا پيا اچون ته ڪشمير پاڪستان جي ساھ جي رڳ آهي. جيڪڏهن ڪشمير واقعي ساھ جي رڳ آهي ته عزيز آباد ۾ منهنجي رهائشگاھ ، منهنجي ڀيڻ جي گهر  ۽ سڄي ڪراچي ۾ هر هنڌ ڇاپا هڻڻ جي بجاءِ مقبوضه ڪشمير ۾ ڇاپا هڻو ۽ ان کي آزاد ڪرايو.انهن فرمايو ته ڊي جي رينجر جو ڪم امن و امان برقرار رکڻ آهي يا قرباني جي کلن جي ڳڻپ ڪرڻ ، هاڻي اهو الزام عائد ڪيو پيو وڃي ته زڪوٰت، فطري ۽ صدقي جي پيسن جي نالي تي ڀتو ورتو پيو وڃي ۽ هٿيار خريد ڪيا وڃن ٿا. جنهن سان دهشت گردي ڦيلجي ٿي. پر ڊي جي رينجر کي ڪڏهن به توفيق نه ٿي ته اهي ڪي ڪي ايف جون ايمبولينسون ڳڻڻ ها ته ڪراچي، حيدرآباد، لاهور ۽ پنڊي ۾ ان فلاحي اداري جون ڪيتريون ايمبولينسون عوام جي خدمتن ۾ مصروف آهن. ڊي جي رينجر ڪڏهن حيدرآباد وڃي ڪري ئي ڏسي وٺن ها ته ڪي ڪي ايف پوري سنڌ جو واحد اسپتال آهي جتي نون ڄاول ٻارن جي لاءِ انڪيوبيٽريز  جون سهولتون دستياب آهن. جنهن مان اندرون سنڌ جا عوام فائدو وٺي رهيا آهن. اهي نذير حسين هاسپيٽل وڃي ڪري ڏسي وٺن ها ته اتي ڪيترن ئي غريبن کي علاج معالجي جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون. انهن فرمايو ته ڪي ڪي ايف پاڪستان جي ٻئي وڏي فلاحي آرگنائزيشن آهي ۽ جڏهن ڪي پي ڪي ۽ آزاد ڪشمير ۾ قيامت خيز زلزلو آيو ته ڊي جي رينجر جنرل بلال نه بلڪه الطاف حسين جا ڪارڪن اتي متاثرن جي مدد جي لاءِ موجود هئا.جناب الطاف حسين چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مون کي اميد آهي ته اهي جنرل ڪياني ۽ انهن جي ڀائرن کي ڀڄڻ نه ڏيندا. انهن چيو ته ڀلي سڀئي جنرل منهنجي خلاف ٿي وڃن پر مان سچ ڳالهائيندو رهندس. انهن سوال ڪيو ته ڇا افغان جنگ جي دوران فوج افغان مجاهدن کي اسٽنگر ميزائل  فراهم نه ڪيا هئا؟ ڇا فوج طالبان جي مدد نه ڪئي هئي. ڇا فوج افغانستان جي معاملي ۾ آمريڪا، برطانيه ۽ نيٽو کان مدد نه ورتي هئي. ڇا پاڪستان نيٽو کي ان جو ساز و سامان افغانستان کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏني هئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اوهان بنگله ديش جي وزير اعظم حسينه واجد سان ڳالھ ڪريو ۽ محصور ٿيل پاڪستانين کي واپس آڻيو. پاڪستاني سفارتخانو انهن محصورين کي پاسپورٽ جاري ڪري ۽ انهن جي آبادڪاري جي لاءِ زمين فراهم ڪري ، انهن جي وطن واپسي جا سمورا خرچ ايم ڪيو ايم برداشت ڪندي. جناب الطاف حسين وفاقي وزير اطلاعات پرويز رشيد جي بيان تي تبصرو ڪندي فرمايو ته مون کي ڪوئي به ڏک نه آهي. ڪالھ ڪراچي جي دوري جي موقعي تي هڪ تقريب ۾ ڪجھ صنعتڪارن وزير اعظم ميان نواز شريف کي چيو ته ڪراچي ۾ مک به مري وڃي ته هڙتال ٿي وڃي ٿي. انهن ان ڳالھ تي وڏي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ وزير اعظم کي مخاطب ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن خدانخواسته اوهان جو پٽ يا نياڻي مري وڃن ته اوهان ۽ اوهان جي گهر وارن جي مٿان ڇا گذرندي؟ ڇا اوهان ان تي احتجاج نه ڪندو. وزير اعظم پنهنجي خطاب ۾ گورنر سنڌ کي مخاطب ڪندي فرمايو ته گورنر صاحب ڪراچي ۾ هڙتالون بند ڪرايو. وزير اعظم وساري ويٺا آهن ته انهن آپريشن جو ڪپتان گورنر سنڌ نه بلڪه وزير اعلٰي سنڌ کي بڻايو آهي. ان جي ڪري انهن کي گورنر سنڌ کي نه بلڪه وزير اعلٰي سنڌ کي چوڻ گهرجي. انهن ميان نواز شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مان اوهان کي دوست چيو هو اها منهنجي غلطي هئي ته مان اوهان کي نه سمجهيو. اوهان مون سان وعدو ڪيو هو ته اوهان ملڪ کان جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ڪندو پر اوهان 1992 ۾ فوجي آپريشن ڏنو، 1998 ۾ گورنر راڄ نافذ ڪيو ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان جي دور ۾ آپريشن جاري آهي. جيڪڏهن اوهان مظلومن کي انصاف نه ٿا ڏياري سگهو ته اوهان کي گهرجي ته اوهان پنهنجي عهدي تان استعيفٰي ڏيئي ڇڏيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي اطلاع ملي آهي ، اها غلط به ٿي سگهي ٿي ته هن ڀيري رمضان شريف ۾ رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي زڪوٰت ۽ فطري جا عطيات جمع ڪرڻ نه ڏنا ويندا. جيڪو هڪ خالص فلاحي ادارو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ طرف ته اها صورتحال آهي ۽ ٻئي طرف اسان جي سياسي سرگرمين ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن، اسان جا يونٽ ۽ سيڪٽر بند ڪرايا ويا آهن. اسان جي ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن، اين اي 246 جي شاندار ڪاميابي کي هن مهل تائين تسليم نه ڪيو ويو آهي. انهن فرمايو ته مان جهيڙي جو درس نه ڏيندس بلڪه ڊائيلاگ جي ذريعي مسئلا حل ڪرڻ چاهيان ٿو ان جي ڪري مان اسٽيبلشمينٽ کي به اهو ئي چوان ٿو ته ڊائيلاگ جي ذريعي ئي مسئلا حل ڪريو. عوام رضاڪارانه طور تي ڪي ڪي ايف کي عطيات ڏين ٿا. انهن کي نه روڪيو. جيڪڏهن اسان کي روڪيو ويو ته اسان عدالت ۽ اقوام متحده ۾ ان معاملي کي کڻي وينداسين ۽ پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلمن جي خلاف هر سطح تي قانوني جنگ وڙهنداسين. انهن ايم ڪيو ايم جي وڪيلن کي چيو ته اهي ان قانوني جنگ جي لاءِ ٻين وڪيلن کي به تيار ڪن. انهن بزرگن کي چيو ته اهي پنهنجن ٻارن جي بهتر مستقبل ۽ بقا جي لاءِ دعائون ڪن.

7/17/2024 10:56:30 AM