Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن ۽ تعصب واري بجيٽ جي خلاف 14 جون بروز آچر تي سڄي سنڌ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.


ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن ۽ تعصب واري بجيٽ جي خلاف 14 جون بروز آچر تي سڄي سنڌ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 6/13/2015
ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن ۽ تعصب واري بجيٽ جي خلاف 14 جون بروز آچر تي سڄي سنڌ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا واپاري، صنعتڪار، دڪاندار ۽ ٽرانسپورٽر نفرت انگيز بجيٽ جي خلاف پنهنجيون ڪاروباري، واپاري ۽ ٻيون سرگرميون مڪمل طور تي بند ڪري هڙتال جي اپيل جو ڀرپور ساٿ ڏين.رابطا ڪميٽي جي اپيل.
ڪراچي؛ 13 جون 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن جو هڪ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي لاءِ پيش ڪيل بجيٽ 2015 جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالھ تي وڏي مايوسي جو اظهار ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي طرفان شيڊو بجيٽ ۽ تحريري طور تي تجويزون جمع ڪرائڻ جي باوجود پي پي جي حڪومت سنڌ خصوصن شهري علائقن ۾ ترقياتي معاملن، عوامي مسئلن جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي جي لاءِ نه ته گهٽ مدي وارا ۽ نه ڊگهي مدي وارا منصوبا رکيا آهن جنهن جي ڪري انهن علائقن ۾ تيزي سان وڌندڙ احساس محرومي اڃان وڌيڪ وڌندو.اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل تعصب واري ، نفرت انگيز ۽ شهري سنڌ دشمن بجيٽ کي رد ڪندي 14 جون بروز آچر تي سڄي سنڌ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي تمام ننڍن وڏن واپارين، صنعتڪارن، دڪاندارن ۽ ٽرانسپورٽرن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي نفرت انگيز بجيٽ جي خلاف پنهنجيون ڪاروباري، واپاري ۽ ٻيون سرگرميون مڪمل طور تي بند ڪري هڙتال جي اپيل جو ڀرپور ساٿ ڏين. اجلاس ۾ چيو ويو ته پي پي جي حڪومت سنڌ خصوصن شهري سنڌ دشمن بجيٽ پيش ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي تعصب واري ، شائونسٽ ۽ نسل پرستانه سوچ جو مظاهرو ڪيو آهي. جنهن کي ايم ڪيو ايم ڪنهن به صورت قبول نه ڪندي ۽ عوام دشمن بجيٽ جي هڪ هڪ شق جي خلاف هر پليٽ فارم تي احتجاج ڪندي. اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته بجيٽ 2015 سنڌ خصوصن شهري سنڌ دشمني تي ٻڌل بجيٽ آهي. اهو بجيٽ سنڌ جي اتحاد کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ، سنڌ ڌرتي جي مستقل ماڻهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائي چاري جي فضا ۾ دوري پيدا ڪرڻ ۽ سنڌي ۽ مهاجر عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ کان روڪڻ جي سازش جي تحت بڻايو ويو آهي. پي پي تعصب وارو ۽ عوام دشمن بجيٽ پيش ڪري سنڌ جي عوام جي وچ ۾ نفرت ۽ عصبيت جي ڀت بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن جي خلاف ايم ڪيو ايم آچر تي پوري سنڌ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو فيصلو ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي ڪراچي سميت سنڌ جي واپارين، صنعتڪارن، دڪاندارن ۽ ٽرانسپورٽرن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پي پي جي طرفان پيش ڪيل نفرت انگيز بجيٽ جي خلاف پنهنجو احتجاج رجسٽر ڪرائين ۽ مڪمل طور تي شٽر ڊائون هڙتال ڪن.

7/17/2024 11:17:41 AM