Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم ميان نواز شريف ڪراچي ۾ ماورائي عدالت قتل ڪيل نوجوانن کي مک چوڻ تي قوم کان معافي وٺن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


وزير اعظم ميان نواز شريف ڪراچي ۾ ماورائي عدالت قتل ڪيل نوجوانن کي مک چوڻ تي قوم کان معافي وٺن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 6/13/2015
وزير اعظم ميان نواز شريف ڪراچي ۾ ماورائي عدالت قتل ڪيل نوجوانن کي مک چوڻ تي قوم کان معافي وٺن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هنگامي پريس.
لنڊن؛ 13 جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جن نام نهاد سرمائيدارن، واپارين ۽ صنعتڪارن وزير اعظم ميان نواز شريف جا ڪن ڀريا ۽ ڪراچي ۾ شهيد ٿيندڙن کي مک قرار ڏنو، انشاء الله تعالٰي ذلت ۽ رسوائي انهن بي ضميرن جو مقدر بڻبي. وزير اعظم ميان نواز شريف ڪراچي ۾ ماورائي عدالت قتل ڪيل نوجوانن کي مک چوڻ تي قوم کان معافي وٺن. انهن مسلم ليگ ن جي رهنمائن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم نواز شريف جي مخالف نه آهي ان جي ڪري اهي وزير اعظم کي سمجهائين ته اهي ڪراچي جي شهيدن جي حوالي سان دل ڏکائڻ وارا جملا ورجائڻ وقت احتياط کان ڪم وٺن. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته نئين نسل کي غلط تاريخ پڙهائي پئي وڃي، جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رکيو ويو ته ايندڙ نسلون پاڪستان جي قيام جي اصل تاريخ کي وساري ويهنديون . انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ هڪ طبقو اهڙو آهي جنهن کي سڀني کان وڌيڪ پاڪ، صاف ۽ نيڪو ڪار بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. گذريل ڏينهن ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڊي جي رينجر جي بريفنگ ميڊيا کي جاري ڪئي وئي. جنهن ۾ زڪوٰت، فطري ۽ قرباني جي کلن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جو نالو وٺڻ کان سواءِ ان تي الزام هنيو ويو، جنهن کان پوءِ گهڻڻ ئي اينڪر پرسنن ۽ تجزيه نگارن ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ چوڻ شروع ڪري ڇڏيو ته هاڻي ته رينجر سَند ڏيئي ڇڏي آهي ته زڪوٰت ، فطري ۽ قرباني جي کلن جو پيسو ڪٿي خرچ ٿئي ٿو. انهن وڌيڪ چيو ته جن ماڻهن ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌي ڪري تصديق ڪرڻ کان سواءِ انهن کي اڳتي وڌايو اهي به ڪوڙ ڳالهائڻ واري جي گناھ ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ انهن پنهنجن ٻارن ٻچن کي حرام کارايو آهي. الله تعالٰي قرآن پاڪ ۾ واضع طور تي فرمايو آهي ته “لعنت الله علي الڪاذبين” يعني ڪوڙن تي الله سائين جي لعنت هجي. ڀلي اهو وردي وارو هجي يا سويلين هجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته رينجر جي هڪ ٻئي آفيسر به قوم سان ڪوڙ ڳالهايو هو ته اسان عامر خان کي گرفتار نه ڪري رهيا آهيون بلڪه انهن کي مهمان بڻائي ڪري پاڻ سان گڏ وٺي وڃي رهيا آهيون. ان آفيسر به وردي جو تقدس پامال ڪيو آهي ۽ جن ماڻهن وردي وارن کي نعوذ بالله ولي سمجهي انهن جي ڪوڙ کي اڳتي وڌايو اهي به ڪوڙا ، عيار ۽ مڪار آهن. جيڪڏهن اهي دنيا ۾ بچي ويا ته انهن کي پنهنجي ڪوڙ جو حساب الله سائين وٽ ضرور ڏيڻو پوندو. انهن فرمايو ته ڪراچي ۾ هٿيار نه ٿا ٺهن، خيبر کان ڪراچي تائين سوين چوڪيون قائم آهن. جتان گذري ڪري اسمگلنگ جو مال اچي ٿو ، انهن چوڪين تي اسمگلنگ جو سامان يا هٿيار  چيڪ ڪرڻ وارا ايم ڪيو ايم جا ماڻهو نه آهن بلڪه اهي پيرا ملٽري فورس جا اهلڪار هوندا آهن. انهن فرمايو ته ميڊيا جي رپورٽن جي مطابق ڪالھ وزير اعظم ميان نواز شريف ڪراچي جو دورو ڪيو ته ڪجھ سرمائيدارن ، واپارين ۽ صنعتڪارن وزير اعظم کي شڪايت ڪئي ته ڪراچي ۾ مک به مري وڃي ته هڙتال ٿي وڃي ٿي. جن ماڻهن ڪراچي جي شهيدن جي حوالي سان اهي توهين وارا ريمارڪس ڏنا آهن اسان انهن جا نالا هٿ ڪري رهيا آهيون، پر هڪ ڳالھ پڪي آهي ته انهن مان هڪ به حلال جي ڪمائي سان ان هنڌ تي نه پهتو آهي. ڇو ته پنهنجي غيرت جو سودو ڪو بي غيرت ئي ڪري سگهي ٿو. جن اهو چيو ته فلاڻي جو مرڻ مک جي مرڻ جي برابر آهي. خدانخواسته جيڪڏهن انهن کي پنهنجي اولاد جو صدمو برداشت ڪرڻو پوي ته انهن کي ٻئي جي ڏک جو احساس ٿيندو. وزير اعظم نواز شريف انهن ماڻهن جي ڳالھ کي ورجائي شهيدن جي پونئرن جو دل ڏکايو آهي ان جي ڪري اهي قوم کان معافي وٺن. انهن فرمايو ته وزير اعظم صاحب کي اها ڳالھ نه وسارڻ گهرجي  ته انهن کي ٻه ڀيرا ڪيتري عزت سان هار، مٿي تي سهرو ۽ هٿن ۾ لوھ جا امام ضامن ٻڌي ڪري 
ايوان کان ٻاهر ڪڍيو ويو هو ۽ پوءِ اهي ڪهڙي طرح وطن واپس آيا هئا. انهن مسلم ليگ ن جي رهنمائن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم نواز شريف جي مخالف نه آهي ان جي ڪري اهي وزير اعظم ميان نواز شريف کي سمجهائين ته اهي ڪراچي جي شهيدن جي حوالي سان دل ڏکائڻ وارا جملا ورجائڻ کان پاسو ڪن. نواز شريف همت ۽ جرت سان ڪم وٺن ڇو ته اهو ملڪ اسان جو به آهي صرف وردي وارن جو نه آهي. انهن فرمايو ته مان گذريل ڪجھ ڏينهن کان ٽي وي چينلن تي ٻڌي رهيو آهيان ته ڪجھ ماڻهو چئي رهيا آهن ته انڊيا جي وزير اعظم نريندر مودي اقرار ڪيو آهي ته اسان مڪتي باهني جو ساٿ ڏنو هو. انهن فرمايو ته دنيا ۾ هميشه جنگن ۾ معاهدا ٿيندا آهن. حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جي زماني کان وٺي ڪري اڄ تائين هر جنگ ۾ معاهدا ٿيا آهن. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم يهودين سان ميثاق مدينه ڪيو. هر جنگ ۾ ڪوئي نه ڪوئي ڪنهن نه ڪنهن جو ساٿ ڏيئي ٿو. جڏهن پاڪستان افغان مجاهدن سان گڏجي ڪري افغان جنگ ۾ حصو ورتو ته ان وقت آمريڪا پاڪستان جو ساٿ ڏنو هو. ان اسٽنگر ميزائل ۽ ڊالر ڏنا. انهن فرمايو ته 1948 ۾ ڀارت مقبوضه ڪشمير تي قبضو ڪيو، روز روز ڦٽاڪا ڇڏڻ کان بهتر آهي ته ڪشمير وڃو ۽ ٽن ڏينهن ۾ ڪشمير فتح ڪري ڏيکاريو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم تي هٿيارن جو الزام لڳايو وڃي ٿو پر رينجر کي ڪي پي ڪي ، پنجاب، ۽ بلوچستان ۾ هٿيار نظر نه ٿا اچن. اهڙي ئي تعصب واري رويي پاڪستانين کي پاڻ ۾ تقسيم ڪيو آهي نه ته عوام پاڻ ۾ گڏجي ڪري رهڻ چاهين ٿا. انهن ڊپلوميٽڪ ڪور خصوصن برطانوي هائي ڪمشنر کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مان برطانيه ۾ هڪ قانوني شهري جي حيثيت سان رهي رهيو آهيان ۽ مان برطانيه جي قائدن ۽ قانونن جو پابند آهيان. جيستائين منهنجي ڪيس جو تعلق آهي ته اهو عدالت ۾ هلي رهيو آهي. منهنجا وڪيل منهنجو ڪيس وڙهي رهيا آهن. مان يقين ڏياريان ٿو ته مان ڪٿي به نه پيو وڃان ڇو ته منهنجو ضمير صاف آهي.جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان، آصف علي زرداري ۽ اسان ٽئي پاڻ ۾ گڏجي وڃون. اي اين پي وارن سان به ڳالھ ڪئي وڃي. جمهوريت جي بقا جي خاطر اسان کي پاڻ ۾ گڏجي وڃڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ وڙهندا رهنداسين ته جمهوريت ڪڏهن به مضبوط نه ٿيندي بلڪه ايندي ويندي رهندي.ان جي ڪري ڇو نه اسان پاڻ ۾ گڏجي وڃون ۽ جيڪڏهن وردي وارا آئين ۽ قانون ٽوڙڻ ته اسان انهن سان قانون جي تحت نڀريون. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان سابق اوڀر پاڪستان ۾ پاڪ فوج جو ساٿ ڏنو ۽ پاڪستان کي بچائيندي ست لک جانيون ڏنيون،93 هزار هٿيار اڇلائڻ وارا ۽ جنگي قيدي بڻجڻ وارا فوجي ته پاڪستان واپس اچي ويا پر پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻ وارا اڍائي لک مهاجر 1971 کان وٺي اڄ تائين بنگله ديش ۾ ريڊڪراس جي ڪيمپن ۾ بک ۽ مفلسي جي زندگي گذاري رهيا آهن. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته محصور ٿيل پاڪستانين کي فوري طور تي وطن واپس آندو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هر واقعي جو الزام ايم ڪيو ايم جي مٿان ٿوپيو وڃي ٿو. قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا سانحه صفورا جو الزام به ايم ڪيو ايم جي مٿي تي ٿوپڻ چاهين پيا پر پوليس ان واقعي ۾ ملوث جماعتي دهشت گردن کي پڪڙي ورتو. ايم ڪيو ايم تي هٿيارن ۽ دهشت گردي جو الزام لڳائڻ وارن کي جماعتين جا اهي هٿيار نظر نه آيا. انهن کي لشڪر جهنگوي ۽ ٻين پابندي وڌل تنظيمن جا هٿيار نظر نه آيا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪرپشن جي معاملي ۾ ڪاروائي صرف هڪ جي خلاف ڇو، ٺيڪن ۽ رشوت جي ڏي وٽ ۾ صرف جنرل ڪياني جي ڀاءُ کي ئي ڇو پڪڙيو  وڃي. جنرل اسلم بيگ کي به ڇو نه ٿو پڪڙيو وڃي جن سياستدانن ۾ پيسا تقسيم ڪرايا. جنهن جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ به هليو. انهن فرمايو ته مان فيصلو ڪيو آهي ته مان پاڪستان ۾ فوجين جي ڪرپشن تي هڪ ڪتاب لکان. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف کي چيو ته اوهان ڪراچي جي ماڻهن کي مک چوڻ تي قوم کان معافي وٺو. اوهان ۽ اوهان جو ڀاءُ ميان شهباز شريف اولاد وارا آهن. ان کان پهرين جو الله سائين جي بي آواز لٺ حرڪت ۾ اچي اوهان الله سائين کان معافي وٺو. 

6/30/2024 7:28:01 AM