Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪائي به پاڪستاني انٽيليجنس ايجنسي ايگزيڪٽ جي مڪروھ ڪمن کان ڇو اڻ ڄاڻ رهي؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ڪائي به پاڪستاني انٽيليجنس ايجنسي ايگزيڪٽ جي مڪروھ ڪمن کان ڇو اڻ ڄاڻ رهي؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 5/28/2015
ڪائي به پاڪستاني انٽيليجنس ايجنسي ايگزيڪٽ جي مڪروھ ڪمن کان ڇو اڻ ڄاڻ رهي؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
وفاقي ۽ صوبائي انٽيليجنس ايجنسين تي پاڪستان جي حڪومت سالانه اربين ۽ کربين روپيا خرچ ڪري ٿي.
هر ٽي وي اينڪر هڪ ٻئي تي بازي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ايگزيڪٽ کي برو ڀلو چئي رهيو آهي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 28 مئي 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ مبينه طور تي جعلي ڊگريون وڪڻڻ وارو ادارو ايگزيڪٽ مغليه سلطنت وانگر بي مثال انداز ۾ تعمير ڪيل پنهنجي عاليشان بلڊنگ کي پوري شان و شوڪت سان بغير ڪنهن ٽڪيٽ جي هر هڪ کي ڏسڻ جي لاءِ پيش ڪري رهيو آهي. تقريبن سمورن ٽي وي چينلن نيويارڪ ٽائيمز ۾ ايگزيڪٽ جي باري ۾ شائع ٿيندڙ ڊيڪلن والش جي تحقيقي آرٽيڪل کان پوءِ هڪ قيامت مٿي تي کڻي ڇڏي آهي ۽ هر ٽي وي اينڪر ايگزيڪٽ کي برو ڀلو چوندي هڪ ٻئي تي بازي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر انهن اينڪر پرسنن کي ڇا اهاخبر نه آهي ته جڏهن ملڪ ۾ 18 هن کان وڌيڪ ننڍيون وڏيون وفاقي ۽ صوبائي انٽيليجنس ايجنسيون موجود آهن ته ايگزيڪٽ جهڙو ادارو پنهنجي پوري شان و شوڪت سان  ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي اداري کي ڪيئن هلائيندو رهيو؟ تمام گهڻي ترقي ڪرڻ کان پوءِ ان اداري بول جي نالي سان هڪ ٽي وي چينل جي آغاز جو به اعلان ڪيو. ان تي هر عقل واري پاڪستاني جو سر شرم سان جهڪيل آهي،جو ٽيڻ ۽ چئوڻ تي معاضو ملڻ تي ڪجھ نام نهاد محب وطن اينڪر پرسنَ پنهنجن ڪيترن ئي سالن پراڻن ادارن کي ڇڏي بول ٽي وي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڏني ۽ بول ٽي وي کي جوائن ڪري ورتو. 18 هن کان وڌيڪ ننڍين وڏين وفاقي ۽ صوبائي انٽيليجنس ايجنسين تي پاڪستاني حڪومت اربين ۽ کربين روپيا سالانه خرچ ڪري ٿي پر ڪائي به پاڪستاني ايجنسي ايگزيڪٽ جي هڪ وڏي ديو نما بلڊنگ ۽ ان جي مڪروھ ڪمن کان ڇو اڻ ڄاڻ رهي. ڳوڙ ٿيو ته اهو به آمريڪا جي هڪ اخبار ۾ ايگزيڪٽ جي اسٽوري شائع ٿيڻ کان پوءِ ۽ اڄ تائين اهو ڳوڙ مچي رهيو آهي. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي پاڪستان ۽ پاڪستان جي ننڍين وڏين ايجنسين تي پنهنجو ڪرم فرمائي ۽ انهن کي سجاڳ ڪري. آمين ثمه آمين. 

6/30/2024 7:30:51 AM