Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪي 4 منصوبو اڄ کان 7 سال پهرين شروع ٿي وڃڻ گهرجي ها. حيدرعباس رضوي.


ڪي 4 منصوبو اڄ کان 7 سال پهرين شروع ٿي وڃڻ گهرجي ها. حيدرعباس رضوي.
 Posted on: 5/28/2015
ڪي 4 منصوبو اڄ کان 7 سال پهرين شروع ٿي وڃڻ گهرجي ها. حيدرعباس رضوي.
ڪراچي شهر جي آبادي 3 ڪروڙ آهي جڏهن ته باقي سنڌ جي آبادي 2 ڪروڙ آهي. حيدرعباس رضوي.
ڪراچي جي عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر پوئتي ڌڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.عارف خان .
ڪراچي سوڪ سينٽر تي پاڻي جي ڪمي جي مسئلي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب.
ڪراچي؛ 28 مئي 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدرعباس رضوي چيو آهي ته ڪراچي ۾جاري پاڻي جي هٿرادو بحران جي خلاف ايم ڪيو ايم جي عوامي ريلي جي آواز حڪمران ٻڌي وٺن ۽ هاڻي ان ظلم جو سلسلو نه هلندو ۽ ڪراچي جي عوام کي جيئڻ جو حق ڏيڻو پوندو.انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي ۾ پاڻي جي سخت قلت جي خلاف  سوڪ سينٽر تي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبرَ عارف خان، توصيف خانزاده، وسيم اختر ۽ اسيمبلي ميمبرن کان علاوه عوام ۽ ڪارڪنن جي وڏي تعداد موجود هئي. حيدر عباس رضوي چيو ته ڪي 4 منصوبو اڄ کان ست سال اڳ شروع  ٿي وڃڻ گهرجي ها.سنڌو درياء جي پاڻي تي آبادي جي حساب سان اسان جي حق ملڪيت کي تسليم ڪيو وڃي. انهن چيو ته سنڌو درياء جي پاڻي تي پهريون حق  ڪراچي وارن جو آهي ڇو ته ڪراچي جي آبادي باقي سنڌ کان وڌيڪ آهي. انهن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڪي 4 منصوبو بڻائي ڪري اسان تي ڪو احسان نه ڪيو آهي. اسان ڪا انهن کان خيرات نه گهري رهيا آهيون بلڪه اسان پنهنجو حق گهري رهيا آهيون ۽ اهو اسان پنهنجو حق وٺي ڪري رهنداسين.انهن چيو ته پوري ملڪ جي حڪمرانن کي ووٽ وٺڻا هجن ته اهي ڪراچي وارن جا گهرجن، نوٽ وٺڻا هجن ته اهي به ڪراچي وارن جا گهرجن، ڪراچي جا وسيلا سڀني جا آهن پر ڪراچي جا مسئلا صرف ۽ صرف ڪراچي وارن جا آهن، اهو کليل تضاد آهي. انهن چيو ته اڄ ڪراچي وارا پاڻي جي قطري قطري جي لاءِ ترسي رهيا آهن ڪوئي آهي جيڪو ڪراچي وارن جي سار سنڀال لهي. انهن چيو ته ڪراچي شهر جي آبادي 3 ڪروڙ آهي جڏهن ته باقي سنڌ جي آبادي 2 ڪروڙ آهي. ڪراچي 5 .98 سيڪڙو سنڌ کي ڪمائي ڏيئي ٿو ۽ باقي سنڌ صرف 5 .1 سيڪڙو ڪمائي ٿو. ان جي باوجود هن عالمي شهر جا ماڻهو پاڻي جي لاءِ ترسي رهيا آهن. ان موقعي تي عارف خان ايڊووڪيٽ چيو ته وزير اعلٰي سنڌ ٻڌائين ته 20 ڪروڙ ٽينڪر مافيا کي ڇو جاري ڪيا ويا. انهن وڌيڪ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجو قبلو درست ڪري نه ته ٻيو احتجاج ان جي خلاف ٿيندو. انهن چيو ته لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي وڌيڪ تنگ نه ڪيو وڃي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ميمبر فيصل سبز واري چيو ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻا پوندا ، اسان کي پاڻي جي منصفانه ورهاست گهرجي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو پاڻي جي لاءِ ٿيندڙ احتجاج حڪومت جي خلاف احتجاج ۾ تبديل ٿي وڃي. انهن چيو ته هڪ  طرف ته 124 ارب روپين ۾ صرف لاهور ۾ ميٽرو بس هلائي پئي وڃي جڏهن ته ٻئي طرف ڪراچي جي عوام جي لاءِ جاري ٿيندڙ ڪي 4 منصوبي جي لاءِ 6 ارب روپيا به نه آهن. ان مان حڪمرانن جي ڪراچي دشمني جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. احتجاجي مظاهري کي اسيمبلي ميمبرن مزمل قريشي، ثمن جعفري، اقبال محمد علي ۽ محمود عبدالرزاق به خطاب ڪيو. 

7/17/2024 11:07:44 AM