ايم ڪيو ايم لائينز ايريا سيڪٽر يونٽ 197 جي سينيئر ڪارڪن جاويد احمد خان جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار.
لنڊن؛ 6 جون 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم لائينز ايريا سيڪٽر يونٽ 197 جي سينيئر ڪارڪن جاويد احمد خان جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاويد خان ڪافي عرصي کان گردن جي بيماري ۾ مبتلا هئا. مرحوم جي عمر 53 سال هئي ۽ انهن سوگوارن پونئرن ۾ هڪ بيوه ۽ ٻه نياڻيون سوگوار ڇڏيون آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين جاويد احمد خان جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي جاويد احمد مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.