Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي پاڪستان جي شاخ نه بلڪه ڪراچي پاڪستان جي پاڙ آهي، جيڪڏهن پاڙ سڪي وئي ته ملڪ سڪي ويندو.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


ڪراچي پاڪستان جي شاخ  نه بلڪه ڪراچي پاڪستان جي پاڙ آهي، جيڪڏهن پاڙ سڪي وئي ته ملڪ سڪي ويندو.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
 Posted on: 6/6/2015 1
ڪراچي پاڪستان جي شاخ  نه بلڪه ڪراچي پاڪستان جي پاڙ آهي، جيڪڏهن پاڙ سڪي وئي ته ملڪ سڪي ويندو.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
وفاقي حڪومت بجيٽ مان هڪ ارب نه بلڪه هڪ کرب ڪراچي وارن کي ڏي، ان کان گهٽ تي ڪراچي وارا راضي نه ٿيندا.
ڪراچي کي ان جو حق نه ڏنو ويو ته ڪراچي وارا ڪراچي جو ڦيتو بند ڪري ڇڏيندا.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
حڪمران لٺ ۽ گولي جي سرڪار هلائي ڪري عوام جا حق ڇني رهيا آهن. قمر منصور.
ڪراچي جا عوام تيستائين احتجاج ڪندا جيستائين حق نه ملندا.حيدر عباس رضوي.
سنڌ سيڪريٽريٽ جي ٻاهران برنس روڊ تي هڪ وڏي مظاهري کي خطاب.
ڪراچي؛ 6 جون 2015 
          متحده قومي موومينٽ جي تحت سنڌ سيڪريٽريٽ جي ٻاهران برنس روڊ تي هڪ وڏي عوامي مظاهري کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اڄ ڪراچي جا عوام پرامن احتجاج ڪري پنهنجا حق گهري رهيا آهن ۽ جيڪڏهن عوام کي ان جا حق نه ڏنا ويا ته اهي پنهنجا حق ڇڻن ڄاڻين ٿا . انهن چيو ته جيڪڏهن حڪمران ڪراچي جي عوام جي امن پسندي کي انهن جي ڪمزوري سمجهن ٿا ته اها انهن جي ڀل آهي ڇو ته ڪراچي هلي ٿو ته ملڪ جي معيشت جو ڦيٿو هلي ٿو. انهن چيو ته ڪراچي پاڪستان جي شاخ نه پر بلڪه پاڪستان جي پاڙ آهي جيڪڏهن اها پاڙ سڪي وڃي ته ملڪ سائو نه رهندو ۽ ڪراچي جي عوام اهو احتجاج ڪري بس هڪ ٽريلر ڏيکاريو آهي،انهن چيو ته جيڪڏهن حڪمرانن ڪراچي وارن کي انهن جو حق نه ڏنو ته اهي ڪراچي جو ڦيٿو جام ڪري ڇڏيندا.انهن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي جي فوري ضرورت ڪي 4 منصوبي جي تڪميل آهي. انهن چيو ته عوام کي پاڻي ڏيڻ جي لاءِ ته 7 ارب روپيا نه آهن پر ايم پي اي هاسٽل جي منصوبي لاءِ اربين روپيا موجود آهن. انهن چيو ته اڄ عوامي احتجاج جو سلسلو ختم ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي عوام هڪ نئين عزم سان پنهنجن حقن جي لاءِ کڙا ٿيندا.انهن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي بجيٽ مان 1 ارب روپيا ڏيڻ جي بجاءِ 1 کرب ڪراچي وارن کي ڏين ان کان گهٽ تي ڪراچي وارا راضي نه ٿيندا. رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور خطاب ڪندي چيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون  لٺ ۽ گولي جي سرڪار هلائي ڪري عوام جا حق ڇني رهيون آهن ۽ ڪراچي وارن کي ڏوهاري بڻائي ڪري دنيا جي سامهون پيش ڪيو پيو وڃي ۽ انهن جو ميڊيا ٽرائل به ڪري دنيا ۾ انهن کي بدنام ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته ظلم سان ڪراچي وارن کي دٻائي نه ٿو سگهجي عوام صرف جناب الطاف حسين جي آواز کي ٻڌن ٿا. انهن وڌيڪ چيو ته وزير اعلٰي سنڌ ڪراچي جي نوجوانن جو منڍيون لياري گينگ  کان وڍرايون، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اندرون سنڌ جي ماڻهن کي آڻي ڪري ته آباد ڪيو پيو وڃي پر ڪراچي جي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جي لاءِ پيسا نه آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر حيدر عباس رضوي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي آبادي جي لحاظ کان ملڪ جو 15 سيڪڙو آهي جيڪو ملڪ کي سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس به ڏيئي ٿو. انهن چيو ته پاڪستان جو ڪوئي به شهر اهڙو نه آهي جتي ترقياتي منصوبا جاري نه هجن پر ڪراچي جا عوام پاڻي جي قطري قطري جي لاءِ ترسي رهيا آهن. انهن 
چيو ته وفاقي حڪومت 40 کرب روپين کان وڌيڪ جو بجيٽ پيش ڪيو آهي جنهن جو 70 سيڪڙو صرف ڪراچي وارن ڏنو آهي پر ڪراچي وارن کي صرف 16 ارب روپين جي ميٽروبسن جو منصوبو ڏنو پيو وڃي جيڪو وڏو ظلم ۽ ناانصافي آهي. انهن چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهري ڪوٽا هجي يا سنڌو درياء تي پاڻي جي ورهاست جي ڪوٽا هجي ان کي اسان نه ٿا مڃون. انهن چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جي منصفانه ورهاست جي لاءِ منصفانه آدمشماري ڪرائي وڃي ته جيئن مڪاني اليڪشن ۾ ٿيندڙ نيون تڪ بنديون به منصفانه ٿي سگهن. جيڪڏهن مڪاني اليڪشن کان اڳ اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل نه ڪيو ويو ته اسان مڪاني نظام کي به رد ڪري ڇڏينداسين. رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ  چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٽينڪر مافيا کي سپورٽ ڪيو آهي ۽ ڪراچي جي عوام جو پاڻي وڪڻي ڪري پنهنجا ڪيسا ڀريا آهن. انهن چيو ته ميان نواز شريف ملڪ جا تعصب پرست وزير اعظم آهن. انهن کي ملڪ جو غريب ۽ مظلوم طبقو نظر نه ٿو اچي ڇو ته ملڪ جو هر مظلوم ايم ڪيو ايم جو حصو آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ چيو ته تاريخ گواھ آهي ته ماضي ۾ به اسان جي ملڪ ۾ اڪثريت اقليت کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جنهن جو نتيجو اسان جي ملڪ کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. مظاهري کي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر فوزيه ۽ شعبه خواتين جي ميمبر شاهين شيردين به خطاب ڪيو. 

7/17/2024 10:47:38 AM