Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بجيٽ ۾ عوام جي بجاءِ جاگيردارن، وڏيرن، وڏن وڏن سرمائيدارن ۽ 2 سيڪڙو مراعات يافته طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏنو ويو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


بجيٽ ۾ عوام جي بجاءِ جاگيردارن، وڏيرن، وڏن وڏن سرمائيدارن ۽ 2 سيڪڙو مراعات يافته طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏنو ويو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 6/6/2015 1
بجيٽ ۾ عوام جي بجاءِ جاگيردارن، وڏيرن، وڏن وڏن سرمائيدارن ۽ 2 سيڪڙو مراعات يافته طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏنو ويو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
هڪ هزار 514 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ مان ڪراچي جي لاءِ فقط 16 ارب روپين جو هڪ منصوبو رکيو ويو آهي جيڪو ڪراچي سان وڏو ظلم، زيادتي ۽ کليل تعصب آهي.  جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 6 جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ان ڳالھ تي مايوسي ۽ وڏي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ته وفاقي بجيٽ ۾ عوام جي بجاءِ جاگيردارن، وڏيرن، وڏن وڏن سرمائيدارن ۽ 2 سيڪڙو مراعات يافته طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏنو ويو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته اهڙي صورتحال ۾ جڏهن جو وفاقي وزير خزانه پاڻ ان ڳالھ جو اعتراف ڪري رهيا آهن ته حڪومت پنهنجا معاشي هدف حاصل نه ڪري سگهي آهي ته ملڪ جي موجوده خراب معاشي صورتحال جو تقاضا هو ته وفاقي حڪومت زراعت جي شعبي ۾ به آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪري ها پر ماضي وانگر هن ڀيري به وڏيرن ۽ جاگيردارن جي مفادن کي تحفظ ڏنو ويو آهي. بجيٽ ۾ بجلي جي وڏن بلن جي ادائگي تي ته ٽيڪس عائد ڪيو ويو آهي جنهن سان صنعتي پيداوار متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي پر ٻئي طرف زراعت جي شعبي ۾ اربين کربين روپيا ڪمائڻ وارن جاگيردارن ۽ وڏن وڏن زميندارن جي آمدني تي ڪوئي به ٽيڪس لاڳو نه ڪيو ويو آهي ۽ ان کي صوبائي معاملو چئي ڪري ٽاريو ويو آهي. انهن فرمايو ته مهانگائي تي قابو پائڻ جي لاءِ تيل جي قيمتن ۽ پيٽروليم ليويز جو خاتمو ڪيو وڃڻ گهرجي ها، پر ان بجيٽ ۾ به بجلي، گيس ۽ تيل تي سيلز ٽيڪس عائد ڪيو ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي ۾ ڪمي ٿيڻ جي بجاءِ اضافو ٿيندو. بجيٽ ۾ ننڍين ۽ گهريلو صنعتن جي فروغ جي لاءِ به قدم نه کنيا ويا آهن. موجوده  بجيٽ ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ به ڪوئي اضافو نه ڪيو ويو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي قومي خزاني ۾ ملڪ جي مجموعي آمدني جو 70 سيڪڙو ڏيئي ٿو پر ملڪي ترقي جي لاءِ هڪ هزار 514 ارب روپين مان ڪراچي جي لاءِ فقط 16 ارب روپين جو هڪ منصوبو رکيو ويو آهي جيڪو ڪراچي جي لاءِ وڏو ظلم، زيادتي ۽ کليل تعصب آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيستائين حڪومتون عوام جي بجاءِ فقط مراعات يافته طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏينديون ته ان وقت تائين نه ملڪ صحيح معنٰي ۾ ترقي ڪندو ۽ نه ئي ملڪ جي غريب عوام جي حالت بهتر ٿي سگهندي. 

7/17/2024 11:54:05 AM