Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بول ٽي وي جي صحافين ۽ مختلف شعبن جي ملازمن ۽ انهن جي گهر وارن کي فاقه ڪشي کان بچايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


بول ٽي وي جي صحافين ۽ مختلف شعبن جي ملازمن ۽ انهن جي گهر وارن کي فاقه ڪشي کان بچايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 5/29/2015
بول ٽي وي جي صحافين ۽ مختلف شعبن جي ملازمن ۽ انهن جي گهر وارن کي فاقه ڪشي کان بچايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
بول ٽي وي جي ملازمن کي گذاره الائونس ڏنو وڃي.
صحافتي تنظيمون ۽ انساني حقن جون انجمنون ان خالص انساني مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اٿارين. جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن؛ 29 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين مطالبو ڪيو آهي ته ايگزيڪٽ ڪمپني جي باري ۾ عدالت جي طرفان تفصيلي فيصلو اچڻ تائين بول ٽي وي جي ملازمن کي گذاره الائونس ڏنو وڃي ۽ هزارين خاندانن کي فاقه ڪشي کان بچايو وڃي. اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم جي مرڪز عزيز آباد ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين شعبن جي ميمبرن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته حلال رزق ڪمائڻ جي لاءِ ڪاروبار ڪرڻ هر شهري جو آئيني حق آهي.  ان حق کي استعمال ڪندي شعيب شيخ نالي شخص ايگزيڪٽ جي نالي سان هڪ ڪمپني قائم ڪئي ، جيڪا ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪري رهي هئي ۽ ان ڪمپني ۾ هزارين ماڻهو نوڪري ڪري رهيا هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايگزيڪٽ ڪمپني جو نالو عوام جي علم ۾ ان وقت آيو جڏهن ان اهو اعلان ڪيو ته اها بول جي نالي سان هڪ نئين ٽي وي چينل جو آغاز ڪري رهي آهي. جيڪو جديد سائنسي طريقن ۽  جدت سان گڏ عوام جي سامهون ايندو. ان ڪمپني جلد ئي ٻين چينلن ۾ ڪم ڪرڻ وارن سينيئر صحافين ، اينڪر پرسنن، پروڊيوسرن، ڊائريڪٽرن، ايڊيٽرن ، نيوز ريڊرن، ڪيميره مينن، اسڪرپٽ رائيٽرن، سيٽ ڊزائينرن، لائيٽ مينن، ميڪ اپ آرٽسٽن ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف سميت ٻين ماڻهن کي وڏو معاوضو ڏيئي ڪري ڀرتي ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. انهن فرمايو ته جڏهن کان پي ٽي وي کان علاوه ٻين پرائيويٽ ڪمپنين کي پرائيويٽ ٽي وي چينل قائم ڪرڻ جي اجازت ملي آهي ان وقت کان ملڪ ۾ 100 جي ويجهو ننڍا وڏا چينل قائم ٿي چڪا آهن. انهن عوام کان سوال ڪيو ته هن وقت ڪهڙو اهڙو ٽي وي چينل آهي جنهن وٽ سياسي تجزيه نگار، نيوز ريڊرَ، اينڪر پرسنَ، رپورٽرَ، ڪيميره مينَ ۽ ٻيو اسٽاف ڪنهن ٻئي ٽي وي چينل کان نه بلڪه سنئون سڌو آسمان کان لٿو هجي؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايگزيڪٽ جي خلاف تحقيقات ٿي رهي آهي ۽ شفافيت جو تقاضو اهو آهي ته تحقيقات جون سو سيڪڙو تفصيلات عوام جي سامهون آنديون وڃن پر بول ٽي وي جي اڍائي هزار جي لڳ ڀڳ ملازمن جن ڪنهن نه ڪنهن ٽي وي چينل کان اچي ڪري بول ٽي وي جوائن ڪيو هو. ان بحران جي ڪري انهن جو روزگار خطري ۾ پئجي ويو آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ انهن جون مشڪلاتون وڌنديون پيون وڃن. انهن فرمايو ته بول ٽي وي سان لاڳاپيل صحافين ۽ ملازمن نه ايگزيڪٽ ڪمپني قائم ڪئي هئي ۽ نه ئي ان جي معاملن جا ذميوار آهن، آخر انهن ملازمن کي ڪهڙي ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي؟ انهن فرمايو ته بول ٽي وي ۾ صرف وڏو معاوضو وٺندڙ ڪجھ ايگزيڪٽو ئي شامل نه آهن بلڪه هزارين ٻيا ملازم به شامل آهن. جن ۾ رپورٽرَ، فوٽو گرافرَ، اسڪرپٽ رائيٽرَ، ايڊيٽرَ ۽ ٻيو اسٽاف شامل آهي. انهن ملازمن مان گهڻائي پنهنجن گهرن جا واحد سهارو به آهن ۽ موجوده بحران جي ڪري انهن هزارين خاندانن جو معاشي مستقبل تاريڪ ٿي ويو آهي. اهي اطلاعون به آهن ته تحقيقات جي دوران انهن ملازمن مان جن جو ان پوري معاملي سان ڪوئي به تعلق نه آهي انهن سان ڏوهارين جهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.ايستائين جو عورتن کي به خوف زده ڪيو پيو وڃي. جيڪا سراسر ناانصافي ۽ قابل مذمت ڳالھ به آهي. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ايف آئي اي سنڌ جي ڊائريڪٽر شوڪت حيات کان مطالبو ڪيو ته بول ٽي وي جي مختلف شعبن جي انتهائي سينيئر ۽ تجربه ڪار ملازمن، ٻئي اسٽاف ۽ انهن جي گهر وارن کي فاقه ڪشي کان بچايو وڃي ۽ جيستائين ان معاملي ۾ عدالت جي طرفان تفصيلي فيصلو نه ٿو ٻڌايو وڃي، انهن ملازمن کي حڪومت جي طرفان گذاره الائونس ڏنو وڃي. جناب الطاف حسين صحافتي تنظيمن ۽ انساني حقن جي انجمنن کي به اپيل ڪئي ته اهي ان خالص انساني مسئلي کي پنهنجي پنهنجي پليٽ فارم تان ڀرپور انداز ۾ اٿارين ۽ بول ٽي وي جي ملازمن جي مالي مشڪلاتن جي خاتمي جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن.

7/17/2024 11:18:13 AM