Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواھ ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ عورتن جي ووٽ وجهڻ جي حق کي يقيني بڻائي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواھ ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ عورتن جي ووٽ وجهڻ جي حق کي يقيني بڻائي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 5/29/2015
اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواھ ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ عورتن جي ووٽ وجهڻ جي حق کي يقيني بڻائي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 29 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته اها ڪي پي ڪي ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ عورتن جي آزادي سان گڏو گڏ انهن جي ووٽ وجهڻ جي حق کي به يقيني بڻائي ۽ جيڪي پارٽيون عورتن کي ووٽ کان محروم ڪرڻ جي مڪروھ ۽ غير جمهوري عمل ۾ ملوث آهن انهن تي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته عورتن جي حقن جون تنظيمون ۽ غير ملڪي ميڊيا پنهنجين رپورٽن ۾ لڳاتار ان ڳالھ جو اظهار ڪري رهيون آهن ته ڪي پي ڪي ۾ گهڻن ئي سياسي ۽ مذهبي جماعتن ماضي وانگر هن وقت به پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري صوبي جي گهڻڻ ئي علائقن خصوصن ڏتڙيل علائقن ۾ عورتن کي انهن جي ووٽ جي حق کان محروم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي پي ڪي ۾ 43 سيڪڙو ووٽرن جي تعداد عورتن تي ٻڌل آهي ۽ جنهن اليڪشن ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ ووٽرن کي ووٽ وجهڻ جي حق کان محروم رکيو وڃي ته ان اليڪشن کي نه ته منصفانه چئي سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان کي جمهوري قرار ڏيئي سگهجي ٿو. رابطا ڪميٽي اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته ڪي پي ڪي ۾ ووٽنگ جو عمل غيرجانبدار مبصرن ۽ فوج جي نگراني ۾ ڪرايو وڃي ۽ ان ڳالھ کي يقيني بڻايو وڃي ته عورتن سميت صوبي جو هڪ هڪ ووٽر پنهنجي  ووٽ وجهڻ جي حق کي ڪنهن به خوف ۽ ڏاڍ کان سواءِ استعمال ڪري سگهي. انهن وڌيڪ چيو ته جنهن اليڪشن ۾ عورتن کي ووٽ وجهڻ جي حق کان محروم رکيو وڃي اتان جي اليڪشن جي نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏيئي ڪري غير جانبدار مبصرن جي نگراني ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرايا وڃن ۽ جيڪي پارٽيون عورتن کي ووٽ وجهڻ جي حق کان محروم رکڻ جي مڪروھ عمل ۾ ملوث هجن انهن تي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي عائد ڪئي وڃي.

7/17/2024 11:18:13 AM