Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي پاڪستان کي هلائي ٿو، جيڪڏهن ڪراچي روينيو ڏيڻ بند ڪري ڇڏي ته معيشت جو ڦيٿو جام ٿي ويندو. رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور.


ڪراچي پاڪستان کي هلائي ٿو، جيڪڏهن ڪراچي روينيو ڏيڻ بند ڪري ڇڏي ته معيشت جو ڦيٿو جام ٿي ويندو. رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور.
 Posted on: 5/30/2015
ڪراچي پاڪستان کي هلائي ٿو، جيڪڏهن ڪراچي روينيو ڏيڻ بند ڪري ڇڏي ته معيشت جو ڦيٿو جام ٿي ويندو. رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور.
حڪمرانن جي نااهلي ڪراچي ۾ پاڻي جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو آهي. عارف خان ايڊووڪيٽ.
ڪراچي ۾ پاڻي جي هٿرادو بحران جي خلاف ملير ڪالا بورڊ تي عوامي احتجاج کي خطاب.
ڪراچي؛ 30 مئي 2015 
            ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور چيو آهي ڪراچي هلي ٿو ته ان جي روينيو سان پاڪستان جي معيشت هلي ٿي جيڪڏهن ڪراچي روينيو ڏيڻ بند ڪري ڇڏي ته پاڪستان جي معيشت جو ڦيٿو جام ٿي ويندو. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي ملير ڪالا بورڊ تي پاڻي جي هٿرادو بحران جي خلاف هڪ وڏي عوامي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ، حق پرست عوامي نمائندا، ڪارڪنن ۽ عوام جي وڏي تعداد موجود هئي. قمر منصور چيو ته حڪمران ان ڏينهن کان ڊڄن جڏهن ڪراچي جو هڪ هڪ ٻچو روڊن تي احتجاج ڪندو ۽ گو شرجيل گو ، گو شرجيل گو جا نعرا هڻندو. انهن چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ ڪافر جي حڪومت تي هلي سگهي ٿي پر ظالم جي حڪومت هلي نه ٿي سگهي. اسان کي ڏوهاري بڻائي ڪري دنيا جي سامهون پيش ڪيو پيو وڃي ۽ اسان جو ميڊيا ٽرائل به ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته حڪمران عوام کي جواب ڏين ته ڪراچي جي ماڻهن کي پاڻي جهڙي بنيادي حق کان ڇو محروم ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته ڪراچي وارن تي ٿيندڙ ظلم تي پورو پاڪستان خاموش آهي ۽ اڄ اهي به خاموش آهن جيڪي اين اي 246 کي فتح ڪرڻ آيا هئا.انهن چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ايوانن ۾ ڪوڙن وعدن ڪرڻ وارن جا اصل چهرا عوام بي نقاب ڪندا. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان چيو ته حڪمرانن جي نااهلي ڪراچي ۾ پاڻي جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو آهي ۽ اهي ڪراچي جي پيسن تي عيش به ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عظيم فاروقي چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ جي غريب ۽ مظلوم عوام جي لاءِ مهاجر کان متحده جو نعرو بلند ڪيو جنهن جي ڏوھ ۾ اسان جا دشمن ۽ مخالف گذريل 30 سالن کان مشڪلاتون پيدا ڪري رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي ميمبر ساجد احمدچيو ته ڪراچي پوري پاڪستان جو پيٽ پالي رهيو آهي. پي هتان جي عوام کي پاڻي ڏيڻ جي لاءِ ڪوئي به تيار نه آهي. ميمبر قومي اسيمبلي اقبال محمد علي چيو ته ملڪ ۾ دهشت گردي هڪ اهم مسئلو آهي پر اصل دهشت گردي معاشي دهشت گردي آهي جنهن جو جواب حڪمرانن کي ڏيڻو پوندو. مظاهري کي سنڌ اسيمبلي ميمبرن سيد وقار شاھ ۽ نشاط ضياء قادري به خطاب ڪيو. 

7/17/2024 11:53:24 AM