Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن جي موقعي تي خيبرپختونخواھ ۾ اليڪشن قانونن جون واضع طور تي ڌڄيون اڏايون ويون آهن.ايم ڪيو ايم سينيٽر بيرسٽر محمد علي سيف.


مڪاني اليڪشن جي موقعي تي خيبرپختونخواھ ۾ اليڪشن قانونن جون واضع طور تي ڌڄيون اڏايون ويون آهن.ايم ڪيو ايم سينيٽر بيرسٽر محمد علي سيف.
 Posted on: 5/30/2015
مڪاني اليڪشن جي موقعي تي خيبرپختونخواھ ۾ اليڪشن قانونن جون واضع طور تي ڌڄيون اڏايون ويون آهن.ايم ڪيو ايم سينيٽر بيرسٽر محمد علي سيف.
پشاور؛ 30 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ ڪي پي ڪي جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف اڄ ڪي پي ڪي جي مڪاني اليڪشن جي موقعي تي صوبي جي مختلف شهرن ۾ فائرنگ، دهشت گردي، پولنگ اسٽيشنن تي حملن ۽ حڪمران جماعت جي هٿياربندن جي کليل غنڊه گردي ۽ وڏي پيماني تي ڪئي ويندڙ ڌاندلي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ بيرسٽر محمد علي سيف چيو ته ڪي پي ڪي جي مڪاني اليڪشن ۾ واضع طور تي قانون جون ڌڄيون اڏايون ويون آهن. حڪمران جماعت جي ماڻهن ڪيترن ئي شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جي پولنگ ايجنٽن کي گن پوائنٽ تي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، انهن کي مارڪٽ ڪئي ۽ پوءِ انهن کلي عام ٽپا هنيا. اهڙي طرح عورتن کي به ووٽ وجهڻ کان روڪي انهن کي بنيادي حق کان محروم ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته امن و امان جي صورتحال کي ڪنٽرول رکڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي پر اڄ اليڪشن جي موقعي تي پوري ڪي پي ڪي ۾ فائرنگ، تشدد، پولنگ اسٽيشنن تي حملن ۽ دهشت گردي جا واقعا ٿيڻ انتهائي شرم جي ڳالھ آهي ۽ انهن واقعن مان ثابت ٿي ويو آهي ته صوبائي حڪومت اليڪشن جي موقعي تي امن قائم رکڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ انهن واقعن مڪاني اليڪشن جي شفافيت تي هڪ سواليه نشان بيهاري ڇڏيو آهي. انهن چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته انهن واقعن جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ اليڪشن ٻيهر ڪرايا وڃن.

6/30/2024 7:36:20 AM