Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

صوبي خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن کي فوري طور تي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


صوبي خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن کي فوري طور تي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 5/30/2015
صوبي خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن کي فوري طور تي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
غيرجانبدار مبصرن جي نگراني ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرايا وڃن.
پي ٽي آئي، جماعت اسلامي، مسلم ليگ ن ۽ اي اين پي عورتن کي ووٽن کان روڪڻ جي لاءِ باقائده اتفاق راءِ سان معاهدو ڪيو آهي.
بندوق جي  زور تي حاصل ڪيل نتيجا پنهنجي اهميت وڃائي چڪا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 30 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته صوبي خيبرپختونخواھ ۾ مڪاني اليڪشن جي دوران ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪيو ويو آهي ۽ ڏاڍ ۽ بندوق جي زور تي عوام جي جمهوري حق تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. ان جي ڪري خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن کي فوري طور تي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ اتي غيرجانبدار مبصرن جي نگراني ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرايا وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ جي گهڻين ئي سياسي و مذهبي جماعتن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف بهتان تراشي ڪئي وئي ۽ هر واقعي ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪري ان جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو پر اڄ  ڪي پي ڪي ۾ مخلتف سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن جي طرفان مڪاني اليڪشن جي دوران کليل ڌاندلي ڪئي وئي . عوام جي سامهون بيلٽ پيپرن تي ٽپا لڳايا ويا، جديد ترين 
هٿيارن جي آزادانه نمائش ۽ انهن کي استعمال ڪيو ويو. پولنگ اسٽيشنن تي حملا ڪيا ويا، مخالف اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي هلاڪ و زخمي ڪيو ويو ۽ اهي منظر پاڪستان جي تقريبن سمورن ٽي وي چينلن نمايان انداز ۾ نشر ڪيا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ٽي وي چينلن ۽ عورتن جي حقن جي تنظيمن جي طرفان لڳاتار ان ڳالھ جي نشاندهي ڪئي وئي ته ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آئي ، جماعت اسلامي، مسلم ليگ ن ۽ اي اين پي عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪڻ جي لاءِ باقائده اتفاق راءِ سان معاهدو ڪيو آهي ۽ انهي جي ڪري لوئر دير کان پوءِ هاڻي ڪي پي ڪي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ به مڪاني اليڪشن ۾ عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪيو ويو آهي. جناب الطاف حسين عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪڻ تي سخت احتجاج ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته ڪي پي ڪي ۾عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪڻ ۽ وڏي پيماني تي ڌاندلي جي شڪايتن جي بنياد تي انهن مڪاني اليڪشنن کي ڪالعدم قرار ڏيئي ڪري اتي غير جانبدار مبصرن جي نگراني ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرايا وڃن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪي پي ڪي ۾ بدنظمي، بدانتظامي،بدامني ۽ کليل ڌاندلي جي بدترين واقعن مان ثابت ٿي ويو آهي ته جعلي مينڊيٽ رکڻ واريون ڪهڙيون ڪهڙيون جماعتون هٿيارن جي سياست، دهشت گردي، قتل و غارتگري ۽ بيلٽ پيپرن تي ٽپا هڻي ڪري عوام جي جمهوري حق تي ڌاڙو هڻڻ ۽ عورتن کي ووٽ جي حق کان محروم رکڻ ۾ ملوث آهن. انهن فرمايو ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني اليڪشن جي دوران اڄ آئين، قانون، ۽ ضابطه اخلاق جون ڌڄيون اڏائي ويون. پوري صوبي ۾ خوف ۽ دهشت جو ماحول گرم ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي هلاڪ و زخمي ڪيو ويو. پر انهن دردناڪ واقعن ۾ ملوث ڪنهن هڪ به جماعت جي خلاف قانوني ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي. انهن فرمايو ته ڪي پي ڪي جي سياسي و مذهبي جماعتن غير جمهوري ، غير آئيني ۽ غير اخلاقي طرز عمل ڪي پي ڪي جي پوري مڪاني نظام تي سواليه نشان بيهاري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي بندوق جي زور تي حاصل ڪيل نتيجا پنهنجي اهميت وڃائي چڪا آهن. جناب الطاف حسين صدر پاڪستان ممنون حسين، وزير اعظم ميان نواز شريف، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني اليڪشن جي دوران ڌاندلي، بدامني، دهشت گردي ۽ قتل و غارتگري جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ ڪي پي ڪي جي مڪاني اليڪشن کي فوري طور تي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. 

7/17/2024 11:10:53 AM