صوبي خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن ۾ هري پور هزاره، صوابي، چترال ۽ بنون کان ايم ڪيو ايم جا 10 اميدوار بنا مقابلي جي ڪامياب ٿي ويا.
پشاور؛ 30 مئي 2015
صوبي خيبرپختونخواھ ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ هري پورهزاره، صوابي، چترال ۽ بنون کان ايم ڪيو ايم جا 10 اميدوار بنا مقابلي جي ڪامياب ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڪن هنڌن تي ايم ڪيو ايم جي حمايت يافته اميدوارن جو سخت مقابلو به جاري آهي.ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. هزاره يونين ڪائونسل هري پور جي جنرل سيٽ تان جنيد اعواڻ، هري پور هزاره يونين ڪائونسل سينٽري جي جنرل سيٽ تان رحمت دين، صوابي يونين ڪائونسل کان محترمه عتيقه، صوابي يونين ڪائونسل ٽو پي ون کان محترمه واحده، چترال يونين ڪائونسل ڪريم آباد جي جنرل سيٽ تان بي بي ريحانه، چترال يونين ڪائونسل آئيون جي جنرل سيٽ تان بي بي گلشن، چترال يونين ڪائونسل جي جنرل سيٽ تان آمنه بي بي، بنون يونين ڪائونسل شير احمد خيل 1 جي جنرل سيٽ تان عبدالرحمٰن، يونين ڪائونسل سيڪٽري 1 جي جنرل سيٽ تان غلام فريد ، يونين ڪائونسل شير احمدخيل 1 جي هاري سيٽ تان ارشدکان بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن.