Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي براھ راست خطاب تي عائد پابندي کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.ڊاڪٽر سليم دانش. لنڊن ۾ پاڪستاني برادري جي اجلاس کي خطاب.


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي براھ راست خطاب تي عائد پابندي کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.ڊاڪٽر سليم دانش. لنڊن ۾ پاڪستاني برادري جي اجلاس کي خطاب.
 Posted on: 5/30/2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي براھ راست خطاب تي عائد پابندي کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.ڊاڪٽر سليم دانش.
لنڊن ۾ پاڪستاني برادري جي اجلاس کي خطاب.
لنڊن؛ 30 مئي 2015 
           ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ برطانيه جي آرگنائيزر ڊاڪٽر سليم دانش پاڪستاني حڪومت جي مرضي تي پيمرا جي طرفان اظهار جي آزادي جي خلاف اليڪٽرانڪ ميڊيا تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو براھ راست خطاب نشر ڪرڻ تي پابندي عائد ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته جناب الطاف حسين جي براھ راست خطاب تي عائد پابندي کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.اها ڳالھ انهن لنڊن ۾ پاڪستاني برادري جي هڪ اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي برطانيه آرگنائزنگ ڪميٽي جو جوائنٽ انچارج سهيل خانزاده ۽ ميمبر به موجود هئا.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جا قائد جناب الطاف حسين پاڪستان جا واحد رهنما آهن جيڪي پاڪستان جي سمورن مظلومن جي آخري اميد آهن ۽ اهي ملڪ کان مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي جي خاتمي ، ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ترقي ڪرائڻ جي لاءِ ڪوشان آهن، اهو ئي سبب آهي ته ڪشمير سميت سڄي ملڪ جا عوام ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ آهن. انهن چيو ته ملڪ جو الميو اهو آهي ته جيڪي سياسي و مذهبي رهنما سرعام ملڪ ٽوڙڻ ۽ پاڪ فوج جي خلاف غلط زبان استعمال ڪري رهيا آهن ان جو نوٽس وٺڻ جي بجاءِ انهن کي محب وطن بڻايو پيو وڃي، پر جيڪي صحيح معنٰي ۾ محب وطن آهن ۽ جيڪي لکين جانيون ڏيئي ڪري ملڪ بڻائڻ وارن جو اولادون آهن انهن کي ملڪ دشمن ۽ را جو ايجنٽ قرار ڏنو پيو وڃي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين ڪروڙين عوام جا قائد آهن اهي ڪنهن به صورت پنهنجي قائد تي ڪنهن به قسم جي پابندي برداشت نه ڪندا. ان جي ڪري حڪومت پنهنجي ان عمل کان باز رهي ۽ جناب الطاف حسين جي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي براھ راست خطاب تي پابندي کي فوري طور تي ختم ڪري. اجلاس کي برطانيه جي جوائنٽ آرگنائيزر سهيل خانزاده ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

7/17/2024 11:15:20 AM