Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ترجمان جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ترجمان جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 5/31/2015
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ترجمان جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي؛ 31 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي شعبه اطلاعات جي ترجمان گذريل ڪجھ ڏينهن جي دوران ڪراچي جي مختلف علائقن کان ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ همدردن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جون بغير ڪنهن جواز جي گرفتاريون روز جو معمول بڻجي چڪو آهي ۽ گذريل ڪجھ ڏينهن جي دوران نارٿ ڪراچي، سرجاني ٽائون، لائينز ايريا، نارٿ ناظم آباد، اورنگي ٽائون ۽ قصبه ڪالوني کان ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ همدردن کي فقط سياسي وابستگي جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته گرفتار ڪيل ڪارڪن ۽ همدرد ڪنهن به قسم جي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث نه هئا.ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن وانگر نارٿ ناظم آباد نگينه اسڪوائر ۾ به رات نوجوان روڊ تي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا، جتي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن ڪيترن ئي نوجوانن کي حراست ۾ ورتو ۽ اهلڪارن جي پچا ڳاچا تي ايم ڪيو ايم جو 36 ساله همدرد عدنان صديقي دل جو دورو پوڻ جي ڪري فوت ٿي ويو. ترجمان چيو ته سياسي ڪارڪنن کي فقط سياسي وابستگي جي بنياد تي خوف زده ڪرڻ ۽ حراست ۾ وٺڻ جو عمل انتهائي قابل مذمت آهي. ترجمان وزير اعلٰي سنڌ، وزير داخلا سنڌ ۽ ڊي جي رينجر کان مطالبو ڪيو ته اهي ان قسم جي واقعن جو نوٽس وٺن ۽ ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽڊ ايڪشن جي حوالي سان خدشن ۽ شڪايتن کي دور ڪن.

7/17/2024 11:18:13 AM