لاهور جي علائقي ڪوٽ خواجه سعيد ۾ هڪ عمارت ۾ باھ لڳڻ جي ڪري 6 ٻارن جي سڙي ڪري هلاڪ ٿيڻ جي واقعي تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 17 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور جي علائقي ڪوٽ خواجه سعيد ۾ ٽي منزله عمارت ۾ باھ لڳڻ جي ڪري 6 ٻارن جي سڙي ڪري هلاڪ ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين هلاڪ ٿيندڙ ٻارن جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙ ٻارن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.