ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت هيٺ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو اجلاس.
اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ جاري تنظيم نو جي معاملي تي غور و خوض ڪيو ويو ۽ وڌيڪ چئن ميمبرن سينيٽر نسرين جليل، وسيم اختر، توصيف خانزاده ۽ شبير احمد قائمخاني کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو.
ڪراچي؛ 17 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت هيٺ پاڪستان ۽ لنڊن جو هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پارٽي جي مختلف شعبن ۾ جاري تنظيم نو جي معاملي تي غور و خوض ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي تحت چئن ميمبرن کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جن ميمبرن کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي انهن ۾ سينيٽر نسرين جليل، وسيم اختر، توصيف خانزاده ۽ شبير احمد قائم خاني شامل آهن. ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي چئني ميمبرن جي شموليت جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.