Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم لاس اينجلس جي تحت سانحه صفورا تي تعزيتي اجتماع.


ايم ڪيو ايم لاس اينجلس جي تحت سانحه صفورا تي تعزيتي اجتماع.
 Posted on: 5/18/2015
ايم ڪيو ايم لاس اينجلس جي تحت سانحه صفورا تي تعزيتي اجتماع.
تعزيتي اجتماع ۾ شهيدن جي پونئرن سان دلي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ شهيدن جي ياد ۾ ميڻ بتيون به روشن ڪيون ويون.
ايم ڪيو ايم پاڪستان قائم ڪرڻ  وارن جي اولادن جي جماعت آهي.بابر غوري.
لاس اينجلس؛ 18 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ لاس اينجلس جي زير اهتمام سانحه صفورا ۾ اسماعيلي برادري سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ اجلاس منعقد ڪيو ويو ۽ شهيدن جي ياد ۾ ميڻ بتيون به روشن ڪيون ويون. اجتماع ۾ ايم ڪيو ايم جي رهنما بابر غوري، ايم ڪيو ايم لاس اينجلس يونٽ جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ پاڪستاني برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اجتماع جي شرڪاء کي خطاب ڪندي بابر غوري سانحه صفورا کي دهشت گردن جي بزدلاڻه ڪاروائي قرار ڏيندي چيو ته بي گناھ شهرين جا وحشي قاتل ڪنهن به رعايت جا مستحق نه ٿا ٿي سگهن. انهن چيو ته پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد فخريه انداز ۾ ان سانحي جي ذميواري قبول ڪري رهيا آهن پر انهن دهشت گردن جي خلاف هن مهل تائين ڪائي به ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي. انهن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي پيش ايندڙ مسئلن جو وڏو سبب سٺي حڪمراني جو نه هجڻ، معاشرتي ناانصافي، وسيلن جي غير منصفانه ورهاست، ننڍين قومن ۽ اقليتن کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم رکڻ آهي، جنهن جي ضمانت پاڪستان جي آئين ۾ به ڏني وئي آهي. انهن چيو ته پاڪستان آبادي جي سخت دٻاءُ ۽ ان جا واسي سخت معاشرتي ناانصافي جو شڪار آهن. جنهن جي لاءِ بهتر انتظام، وسيلن جي منصفانه ورهاست ۽ نون انتظامي يونٽن جو قيام وقت جي اولين ضرورت آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان قائم ڪرڻ وارن جي اولادن جي جماعت آهي ۽ اسان کان وڌيڪ ڪوئي به هن ملڪ جو وفادار ٿي نه ٿو سگهي. اسان بانيان پاڪستان جون اولادون ۽ نظريي پاڪستان جا وارث آهيون ۽ اسان پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي چاهيون ٿا ۽ عزت واري زندگي گذارڻ  اسان جو حق آهي.
*****

7/17/2024 11:14:49 AM