Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دي نيو يارڪ ٽائيمز دماغ جا پُرزا اڏائڻ وارو انڪشاف ڪيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


دي نيو يارڪ ٽائيمز دماغ جا پُرزا اڏائڻ وارو انڪشاف ڪيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 5/19/2015
دي نيو يارڪ ٽائيمز دماغ جا پُرزا اڏائڻ وارو انڪشاف ڪيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن اهي انڪشافَ صحيح ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهن ته ايڪزيڪٽ ڪمپني پاڪستان سان غداري جو عمل ڪيو آهي.
دي نيو يارڪ ٽائيمز جي خوفناڪ انڪشافن جي اعلٰي ترين سطح تي فورن تحقيقات ڪرائي وڃي. جناب الطاف حسين جو وزير اعظم کان مطالبو.
لنڊن؛ 19 مئي 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آمريڪا جي معروف اخبار دي نيو يارڪ ٽائيمز جي انهن انڪشافن تي انتهائي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جنهن ۾ دي نيو يارڪ ٽائيمز دماغ جا پرزا اڏائڻ وارو انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جي هڪ سافٽ ويئر ڪمپني “ ايڪزيڪٽ ” جعلي ڊگرين مان ڪروڙين ڊالر ڪمايا آهن. انهن چيو ته جيڪڏهن دي نيو يارڪ ٽائيمز جي رپورٽ ۾ پيش ڪيل اهي انڪشاف َ صحيح ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهن ته اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته ايڪزيڪٽ ڪمپني اهو انتهائي سنگين ۽ خوفناڪ ڪم ڪري ۽ پاڪستان ۾ رهي ڪري پاڪستان کي نقصان پهچائڻ ۽ ملڪ کان غداري جو عمل ڪيو آهي. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته دي نيو يارڪ ٽائيمز جي ان رپورٽ ۾ پيش ڪيل خوفناڪ انڪشافن جي اعلٰي ترين سطح تي فورن تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ جيڪڏهن اهي الزام درست ثابت ٿين ته پوءِ ان فراڊ ۾ ملوث ايڪزيڪٽ ڪمپني جي ايگزيڪٽو ليول جي تمام ماڻهن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن تي آرٽيڪل 6 جي تحت مقدمو هلائي انهن کي اهڙي عبرتناڪ ۽ مثالي سزا ڏني وڃي جو پاڪستان ۾ آئنده ڪوئي به اهڙو عمل ڪرڻ جو سوچي به نه سگهي. انهن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته ايڪزيڪٽ پوسٽ تي فائز سمورن ماڻهن جا نالا اِي سي ايل ۾ وجهي ڪري انهن جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي پابندي عائد ڪئي وڃي ۽ انهن جا پاسپورٽ ضبط ڪيا وڃن. آخر ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جي انتهائي حساس ترين ادارن جي ايتري وڏي فراڊ کان لاعلمي نه صرف افسوسناڪ بلڪه تمام محب وطن پاڪستانين جي لاءِ ڳڻتي جي ڳالھ به آهي.

7/17/2024 11:09:00 AM