Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام مختلف شهرن ۾ سانحه صفورا جي شهيدن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ تعزيتي ميڙاڪا منعقد ڪيا ويا.


ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام مختلف شهرن ۾ سانحه صفورا جي شهيدن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ تعزيتي ميڙاڪا منعقد ڪيا ويا.
 Posted on: 5/19/2015
ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام مختلف شهرن ۾ سانحه صفورا جي شهيدن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ تعزيتي ميڙاڪا منعقد ڪيا ويا.
ڪينيڊا؛ 19 مئي 2015 
             ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام ڪيلگري، ايڊمنٽن، ٽورنٽو، مونٽريال ۽ ونڊسر ۾ فاتحه خواني جا ميڙاڪا منعقد ڪيا ويا. جن ۾ سانحه صفورا جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ انهن جي ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون. ميڙاڪن ۾ ڪارڪنن، شهر جي معزز ماڻهن، ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي سينٽرل آرگنائيزر آصف قاضي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آصف قاضي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته اسماعيلي برادري تي حملو پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي هڪ سازش آهي ۽ انهن سازشي عناصر جو مقصد پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ آهي. انهن چيو ته هن وقت پاڪستان سنگين قسم جي مسئلن کي منھ ڏيئي رهيو آهي. موجوده حالتن ۾ پاڪستان خصوصي طور تي ڪراچي ۾ دهشت گردي جي عذاب تي قابو پائڻ جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هٿن کي مضبوط ڪرڻو پوندو. انهن وڌيڪ چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان اسماعيلي برادري جي روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان ۽ پوري دنيا ۾ مقيم اسماعيلي برادري سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪيلگري  البرٽا اسيمبلي جي ميمبر عرفان صابر ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته پاڪستان کان دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ اسان سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻو پوندو. ان کان پوءِ سمورن شهرن ۾ شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ انهن جي ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون. جڏهن ته ميڙاڪن ۾ دهشت گردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ شرڪاء پنهنجن هٿن ۾ احتجاجي نعرن تي ٻڌل پلي ڪارڊ به کنيا هئا. 

7/17/2024 10:56:21 AM