Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لياقت آباد جي علائقي غريب آباد جي گهيراءُ، ڇاپن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


لياقت آباد جي علائقي غريب آباد جي گهيراءُ، ڇاپن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 5/19/2015
لياقت آباد جي علائقي غريب آباد جي گهيراءُ، ڇاپن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 19 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان لياقت آباد جي علائقي غريب آباد ۾ وڏي پيماني تي ڇاپن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل هفتي لياقت آباد سيڪٽر جي ڪارڪن خرم کي دهشت گردن فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته اورنگي ٽائون ۾ به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن محمد علي کي  دهشت گردن شهيد ڪري ڇڏيو هو پر هن مهل تائين انهن جي  قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اڄ صبح سوير لياقت آباد جي علائقي غريب آباد ۾ پوليس ۽ رينجر پوري علائقي جو گهيراءُ ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.جن ۾ يونٽ 158 جا ڪارڪنَ شفيق صديقي، زاهد اقبال، نديم عظيم، شهزاد مرزٰي، افضال، محمد صغير، محمد وسيم ۽ محمد شوڪت شامل آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪارڪن رئيس جي گهر تي به انهن جي نه هجڻ جي ڪري سرڪاري اهلڪارن ڇاپو هڻي انهن جي 13 سالن جي پٽ محسن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته 70 ساله پوڙهي همدرد قمر الدين ۽ ڪمال کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ رينجر ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي ئي گرفتار ڪري رهي آهي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته آپريشن جي آڙ ۾ صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم کي ئي نشانو بڻايو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته وسندين جي گهيراءُ ، ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي.

7/17/2024 11:51:48 AM